ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گوڌرا واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروائي ڪري انتهائي گهربل ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان موجب گرفتار جوابدار فيضان عرف فرحان عرف فيضي ماما هڪ سياسي جماعت جي ٽارگيٽ ڪلر ۽ ڀتا خور راج الدين عرف ڀولو قريشي جو ڀائٽيو آهي، راج الدين 2013 ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، جوابدار شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته هو 2015 کان عابد عرف ڪلو ۽ بلال عرف بلا جي ڀتي خور گينگ ۾ رهيو، نيو ڪراچي 7 نمبر جي علائقي ۾ دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن کان ڀتو وصول ڪيو، 2019 ۾ هن ساٿين سان گڏجي گلستان جوهر جي علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ بسم الله هوٽل جي مالڪ کان 30 لک رپيا ڀتو گهريو، ڀتو نه ملڻ تي هن هوٽل تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ واٽهڙو مارجي ويو ۽ 3 زخمي ٿيا، جوابدار فيضان عرف فرحان مختلف علائقن ۾ 50 کان وڌيڪ چوري ۽ ڦر جون وارداتون ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو، سندس ٻين ساٿين عابد عرف ڪلو، بلاول، حسن عرف موٽا، عبدالڪريم بنگش، وقاص ۽ فرخ جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.