ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان چار ڏينهن اڳ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ حملي آور گرفتار نه ٿيڻ خلاف عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو، جنهن دوران هڪ عورت پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي شهرين روڪي ورتو، ان موقعي تي اميران بيگم، مصرت، شھناز سولنگي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي بااثرن عرفان سولنگي، اعظم، راشد، جواد سولنگي ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ مردن کي زخمي ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته حملي آورن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.