باقراڻي (ن پ ا) ڳوٺ گل محمد تنيو واسي گونگو ۽ ٻوڙو نينگر 9 ورهين جو عرفان علي ولد مرحوم عبدالقادر تنيو 10 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو.جاويد علي تنيو صحافين کي ٻڌايو ته ڀائيٽيو عرفان علي تنيو 10 ڏينهن اڳ باقراڻي شهر وڃڻ لاءِ گهران نڪتو،گهر واپس نه آيو، اهڙو اطلاع باقراڻي پوليس کي ڏنو آهي، نينگر جي گم ٿيڻ بعد سندس امڙ توڙي ٻيا گهر ڀاتي سخت پريشان آهيون.