گمبٽ (ن پ ا) 11 ڏينهن اڳ گمبٽ ابل ڀرسان لوهه جي دڪان تان ڪم ڪندڙ نوجوان سعيد احمد سولنگي کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن پاران ٿاڻي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب سخت گرمي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙامتياز علي سولنگي، يونس سولنگي، فوجي فتح علي، يعقوب ۽ ٻين چيو ته 11 ڏينهن اڳ گمبٽ پوليس ابل واهه ڀر سان لوهه جي دڪان تي پورهيو ڪندڙ نوجوان سعيد احمد سولنگي کي بي گناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان تي ڪو به ڪيس داخل نه آهي پوليس نوجوان تي جڙتو ڪوڙو پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو آهي. هڪ طرف پوليس نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف پوليس نوجوان کان جاچ لاءِ 7 ڏينهن جي مهلت گھري آهي اسان کي خوف آهي ته پوليس نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ 5 لک رشوت گھري هئي نه ڏيڻ ڪري کيس فل فراءِ نه ڪري ڇڏي.هنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو.