يوڪرائين جنگ جا غير حتمي نتيجا

0
180
يوڪرائين جنگ جا غير حتمي نتيجا

  روس ۽ يوڪرائين وچ ۾ شروع ٿيل جنگ کي سورنهن مهينا پورا ٿيڻ وارا آھن. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپ ۾ ڊگھي عرصي تائين هلندڙ  هيءَ ٻي وڏي جنگ شمار ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي ختم ٿيڻ جي اڃا تائين ڪنهن کي ڪا اميد نظر نٿي اچي. هن جنگ کي ته کڻي ڏيڍ سال ٿيڻ وارو آھي پر پوين ٽيهن سالن کان روس ۽ يوڪرائين جون ڄائي ڄم واريون برادر قومون جنگ جي دردناڪين کي منهن ڏيئي رهيون آھن. ڌرتيءَ جي گولي تي دنيا جي خوبصورت ترين يوڪرائيني قوم جا مرد توڙي زالون، عالمي سياست جي ور چڙھي گولين، بمن ۽ ميزائيلن جو کاڄ ٿي رهيا آھن. اهڙي صورتحال جي جوابداري يوڪرائيني قوم پرستن مٿان عائد ٿئي ٿي، جن آمريڪا ۽ يورپي سرمائيدار ملڪن جي آسري تي لڳي سوويت يونين کي ٽڪرا ته ڪيو پر ان جي جانشين روس سان به مهاڏو اٽڪائڻ ۾ دير ڪانه لڳائي. نتيجي ۾ سندن خوبصورت ملڪ به ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو آھي. 1991ع ۾ آزادي ماڻڻ کا وٺي هو آمريڪا جي شھَ تي پنهنجي آزادي گنوائڻ وارين غير منطقي خدشن جو شڪار ٿيندا، وڃي جنگ جي اوڙاهه ۾ داخل ٿيا. جنگ ڇڙڻ کان اڳ ۾ 2014ع تائين جڏهن يوڪرائيني عوام جي اڪثريت سندن ساٿ نه ڏنو، تڏهن زوريءَ ڏنڊي جي زور تي هنن حڪومت تبديل ڪرائي عمران خان جھڙي هڪ غير سياسي ماڻھوءَ زليينسڪي کي اقتدار ڏيئي ملڪ کي جنگ جي اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيو، جتان نڪرڻ هاڻي سندن هٿ وس کان ٻاهر آھي.

عالمي سياست جي شاگردن کي معلوم هوندو ته اڳوڻو سپر پاور سوويت يونين گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ معاشي سببن ڪري جڏهن ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيو هو، تڏهن سرمائيدار ۽ مذھب پرست دنيا ساڻس حقارت ڀريو ۽ حقير رويو اختيار ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ پوءِ ان جي خاتمي کان اڄ تائين اهي ٻئي ڌريون ڪميونسٽ نظام جي خلاف حقارت ڀري پروپيگنڊا هلائينديون اچن، جن جي سرواڻي آمريڪي ۽ يورپي ميڊيا ڪندي اچي ٿي. غلط  پروپيگنڊا ذريعي مغربي ملڪ،  ٻي دنيا ته ڇڏيو پر سابق ڪميونسٽ بلاڪ جي ملڪن ۾ روس جو خوف ڦھلائيندا، کين نيٽو ۽ يورپي يونين ۾ شامل ڪندا، وک وک آھستي وڌندا، سُرندا سُرندا اچي جڏهن يوڪرائين جي دروازي تي پهتا، تڏهن وڃي روسين کي خبر پئي ته چور، ڪارو ڏاند چورائڻ لاءِ اچي در تي بيٺو آھي، جڏهن ته سوويت يونين جي خاتمي وقت روس سان نيٽو اتحاد کي اڳتي نه وڌائڻ جو معاهدو به هنن ئي طئي ڪيو هو.

سوويت يونين ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا ۾ اڪيلي رهجي ويندڙ سپر پاور آمريڪا جون عالمي سياست ۾ ڪافي جوابداريون عائد ٿيون هيون، جنهن ۾ عالمي معاهدن سان گڏوگڏ ورلڊ آرڊر کي بچائڻ ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جون وڏيون ذميواريون به شامل هيون، پر بدقسمتيءَ سان ڪولڊ وار دور جي هر اها ڳالهه، جيڪا آمريڪي سرمائيدار کي نه پئي آئڙي، آمريڪا ان کي ختم ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ ان جي برعڪس هر اها ڳالهه، جيڪا سرمائيدار ۽ فقط سرمائيدار جي فائدي ۾ ھئي، ان کي حتمي سچائيءَ طور پيش ڪرڻ جي  ابتدا آمريڪا کان ٿي. ڪيترن آزاد ملڪن ۽ سندن حڪمرانن کي، جن ماضيءَ ۾ ڪميونسٽن جو ساٿ ڏنو هو، تن کي تهس نهس ڪيو ويو. دنيا جيڪا سرد جنگ دوران ورهايل هئي، ان جي خاتمي کان پوءِ جنهن کي مِڙي مُٺ ٿيڻ گهرجي ها، ان کي وڌيڪ ورهائڻ جي شروعات هن اڪيلي رهجي ويل سپر پاور طرفان ڪئي وئي. تهذيبن جي ٽڪراءَ جھڙا ڪتاب لکيا يا لکرايا ويا. روس طرفان هر قسم جي تعاون باوجود آمريڪا، سوويت يونين وانگر باقي بچيل رشين فيڊريشن کي به چيچن بغاوت ذريعي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ روس کي سڄا سارا چار سال ڪوه ڪاف ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ چيچن بغاوت ختم ڪرڻ ۾ لڳا، تڏهن وڃي اتي ٺاپر ٿي هئي.

سوويت يونين جي ختم ٿيڻ کان پوءِ عالمي سياست ۾ آمريڪا، سڀ قسم جا ڀُٽڪا ڪم انساني حقن جي تحفظ جي نالي تي ڪندو اچي ٿو. سرڪاري سطح تي لکت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جو مثال آمريڪا جي چيف ڊپلوميٽ جنرل ڪولن پاول قائم ڪيو هو، جڏهن هن عراق تي حملي جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ صدام سرڪار تي ڪوڙا الزام هنيا هئا. اهڙي طرح روس ۽ ان کان اڳ ۾ سوويت يونين خلاف  ڪوڙ تي عالمي راءِ عامه ٺاهڻ جو فن به آمريڪا وٽ ڪمال جو رهيو آھي، جنهن جي جادوءَ مان دنيا ايڪيهين صديءَ ۾ به ٻاهر نڪري نه سگهي آھي. اهڙي جادوئي پروپيگنڊا يوڪرائين جي هن جنگ ۾ روس خلاف ڪاميابيءَ سان استعمال ٿيندي پئي اچي.  نه ته اصل ۾ جنگ جا نتيجا ڪجهه ٻي طرح جا اچي رهيا آھن.

هن جنگ شروع ٿيڻ ۽ سورنهن مهينن جي ڇتي ويڙھ کان پوءِ نتيجو هن طرح پيو اچي ته  يوڪرائين جي ڪل معيشت جو 20 سيڪڙو حصو هن وقت روس جي قبضي ۾ اچي چڪو آھي، جيڪو روسي معيشت ۾ 3 سيڪڙو  اضافي جو سبب  بڻيو آھي، جنهن جي ماليت جو ٽوٽل وِچُور 12 ٽرلين ڊالر ٻڌايو وڃي ٿو. لوگانسڪ، ڪِريميا، دانييتِسڪ، خيرسونَ جا علائقا، جيڪي هينئر ماسڪو سان الحاق ۾ شامل آھن، ڏيڍ لک چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل آھن، جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ چاليهه پنجاهه لک آھي. هي علائقا يوڪرائيني معيشت جي شھ رڳ سڏيا وڃن ٿا، جتي 5 هزار جي لڳ ڀڳ صنعتي يونٽ، 2 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ڪندڙ زرخيز زمين، ٿرمل ۽ ايٽمي بجلي گهرن سان گڏ بحري جهازن، آٽوموبائيل، زرعي ڀاڻ ۽ اوزارن جي ڪارخانن سان گڏ يورينيم ۽ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آھن. سوويت ڪميونسٽن يوڪرائين جي مشھور شھر “زپاروزي” ۾ نه رڳو يورپ جو وڏي ۾ وڏو ايٽمي بجلي گهر ٺاهيو هو پر هن شھر کي سابق سوويت يونين جي اسٽيل جي صنعت جو مرڪز پڻ بڻايو هو. ڪراچي اسٽيل مل جا انجنيئر يا ته هن شھر يا  وري ڪزاخستان جي شھر “ڪارا گندا” مان ٽريننگ وٺندا هئا. يورپ ۾ ڪوئلي جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا يوڪرائين جي دنباس واري علائقي ۾ موجود آھن ۽ يوڪرائين جي 90 سيڪڙو تيل جا ذخيرا دانييتسڪ ريجن ۾ آهن، جيڪي هاڻي روس جو حصو ٿي چڪا آھن. اهڙي طرح هن وقت يوڪرائين جي ٻارنهن کرب ڊالر جي ماليت جا اهم صنعتي، زرعي ۽ معدني وسيلن سان مالامال علائقا روس جي قبضي ۾ اچي چڪا آھن، جنهن مٿان جنگ ڇڙڻ کان اڳ ۾  آمريڪا ۽ يورپي يونين جون اکيون کتل هيون. تنهنڪري  هتي مسئلو جمهوريت، ملڪي حاڪميت national sovereignty  يا انساني حقن جي پائماليءَ جو نه، بلڪه يوڪرائيني معيشت تي ڪنٽرول ڪرڻ جو هو. اهو به نه وسارڻ گھرجي ته IT جي فيلڊ ۾ به يوڪرائين دنيا ۾ چوٿون نمبر ملڪ شمار ٿئي ٿو، جنهن جي به آمريڪا کي وڏي ضرورت آھي. ملٽري اسٽراٽيجي جي نقطهء نظر کان پڻ مٿي ڄاڻايل يوڪرائين جا ھي چار علائقا روس جي ڪنٽرول ۾ وڃڻ کان پوءِ ماسڪو کي ازوف سمنڊ Sea of Azov ۽ ڪاري سمنڊ  Black sea  تي مڪمل فوجي حاڪميت حاصل ٿي چڪي آھي.

هي جيڪو عام طور اڄ به ڪيسيپين سمنڊ کي Land locked sea يا وڏي ڍنڍ سڏيو ويندو آھي، ان جو سوويت دور کان سڌو سامونڊي رابطو سوويت يونين جي يورپي حصي سان ٿيل آھي، يعني سينٽرل ايشيا ۽ يورپ جو سمنڊ ذريعي ھڪ ٻئي سان رابطو. ڪميونسٽن ڪاري سمنڊ ۽ ڪيسيپين سمنڊ ۾ موجود پنهنجن مشھور بحري آرماڙن جي چرپر لاءِ روس جي ٻن وڏن درياهن وولگا ۽ ڊان مان جهازراني لاءِ ڪينال ڪڍيا هئا ۽ انهن درياهن کي ازوف سمنڊ سان ملايو هو. اهڙي طرح سوويت دور جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ ھڪ سئو ڪلوميٽر وولگا- ڊان ڪينال ذريعي ڪاري سمنڊ ۽ ڪيسيپين سمنڊ وچ ۾ جهازراني جا  جنگي ۽ ڪمرشل رستا کوليا ويا هئا. موجوده جنگ ۾ روسي آرماڙن يوڪرائني بندرگاهه “ماريا پول” تي حملا، ڪيسيپين سمنڊ ۽ وولگا- ڊان ڪينال جي پاڻين مان ڪيا هئا ۽ ماريا پول کي قبضي ۾ آندو هو. نقشي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ازوف سمنڊ جي اوڀر ۾ روس ۽ اولهه ۾ يوڪرائين آھي. روس يوڪرائين جا مٿي ڄاڻايل علائقا قبضي ۾ آڻي سڄو ازوف سمنڊ پنهنجي قبضي ۾ ڪري هڪ وڏي اسٽراٽيجڪ برتري حاصل ڪئي آھي ۽ يوڪرائين سڀ ڪجهه وڃائي اچي اديسا بندرگاهه جي ٻارنهن ڪلوميٽرن جي پاڻي تائين محدود ٿيو آھي.

جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل علائقن جو روسي فيڊريشن سان ريفرينڊم ذريعي الحاق ٿي چڪو آھي پر اهي جنگ سٽيل ۽ تباهه ٿيل علائقا آھن، جن جي نئين سر ترقي تعمير ۽ آبادڪاريءَ تي روسي حڪومت طرفان 20 کان  25 بلين ڊالر خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. منهنجي خيال ۾ جنگ سٽيل انهن  علائقن کي سوويت دور جھڙيون سهولتون ڏيڻ لاءِ 25 ارب ڊالر ٿورا آھن پر روس، روس آھي، پاڪستان ڪونهي، جتي زلزلن ۽ ٻوڏ ستايلن جي گهرن جي تعمير جا پيسا عوامي نمائندن هٿان تيل ٿي وڃن ٿا.يوڪرائين جنگ آمريڪا جي عالمي ساک کي به نقصان پهچايو آھي. مشھور روسي پروفيسر  پريماڪوف، جنهن سان مونکي به ملاقات جو شرف حاصل ٿيو هو، جيڪو پوءِ ٻن سالن لاءِ ملڪ جو وزير اعظم به رهيو، جنهن پنهنجي دورانديش سياسي پاليسي Look east جي نتيجي ۾ “شنگھائي تعاون تنظيم” جو بنياد پيو هو ۽ پوءِ BRICS جو ٺھڻ به سندس Vision جو نتيجو ٿي سامهون آيو هو، صدر پيوٽن انهيءَ پروفيسر جي سياسي نقش قدم تي هلي آمريڪا ۽ سندس مهرن يعني نيٽو ملڪن کي اسٽراٽيجڪ ۽ اقتصادي شڪست سان مکا ميلو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آھي. نيٽو، يوڪرائين تي 80 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود ڪي مثبت نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿيو آھي، البته پروپيگنڊا  ذريعي هو روس کي شڪست ڏيئي چڪا آھن.

  [email protected]