هٿ جو هُنر ۽ ٿر

0
166
هٿ جو هُنر ۽ ٿر

  هٿ جي هُنر ۾ ٿر جا ماڻهو ايترا ته قابل آھن، جو اَڪ جي آڪارن مان نوڙي وَٽي اُن مان کٽن جو واڻ ۽ رَسا ٺاهيندا آھن. اَڪ کي وڍي اُن کي سُڪائي پوءِ ڪُٽي اُن مان ڪپهه جھڙو خام مال ڪڍي پوءِ نوڙي وَٽيندا آھن. آڪاري ۽ کِپ جي تُڳين مان نوڙي وٽڻ به هڪڙو آرٽ آھي. ٿري ماڻهن کان سواءِ ٻئي کي ڪهڙي خبر ته کِپ رستوڙ ڪيئن ٿيندا آھن؟ پُوري ڪيئن ٺهندي آھي؟ نوڙيءَ جي ڊيگهه ڪيتري هئڻ گُهرجي؟ هُونئن به ٿر جو ماڻهو جيڪو نوڙي ناهي وَٽي سگهندو، اُن تي ٿريا کِلندا آھن. ڇاڪاڻ ته ٿر جي روز مرھ جي زندگيءَ ۾ نوڙيءَ جو وڏو ڪردار آھي. نوڙي چونئرن ۽ چونڪين کان وٺي ڪنڌي ڪَپري تائين ڪم اچي ٿي. چونئرا ۽ چونڪيون ٺاهڻ به هڪڙو ھُنر آھي. چونئري ۽ چونڪيءَ جي مٿان ڪاٺيون ڪاريگر ٻَڌندو آھي، جنهن کي “ٻاڌارو” چيو ويندو آھي. انهن ڪاٺين جي مٿان کِپن جو ڇاجو وَري ٻيو ڪاريگر ڏيندو آھي، جنهن کي “ڇاجارو” چيو ويندو آھي.

                 ٿر جا هاري به وڏا هُنرمند آھن، جن جي هٿن ۾ وڏي وديا آھي. جيڪي پنهنجي هنر سان هر هلائي ٻنيءَ ۾ ٻج پوکي فصل تيار ڪندا آھن. فصلن تان جهار اُڏائڻ ۽ مال ڀڄائڻ خاطر پنهنجي آرٽ وسيلي ڪُجهه انوکيون ايجادون پڻ ڪندا آھن جن ۾ ڀينڀيو، رانڀاڙي، کانڀاڻيءَ/گوڦڻ ۽ ٽاٽُ قابل ذڪر آھن. کانڀاڻيءَ سان پکيءَ ناهن ويندا ته ٽاٽُ به استعمال ڪندا آھن. رانڀاڙي مور جي پنکن مان ٺاهيندا آھن، جيڪا عجيب رانڀاٽ ڪندي آھي.

دستڪاريءَ ۾ ٿر جا ڪُنڀار به پنهنجو مَٽ پاڻ آھن، جيڪي مِٽيءَ کي ڳوهي اُن کي چَڪُ تي چاڙھي اُن مان نادون، دانگيون، دِلا، تَس، ڪُونڊيون، گگرون ۽ گهڙا/دِلا تخليق ڪندا آھن. ٿر جي ڪُنڀارن ۾ مُهاڙيئي جا ڪاريگر ۽ سندن ڪم سموري ٿر ۾ پهرئين نمبر تي آھي. ڳوٺ مهاڙيو ٿر جي وَٽ واري ڀاڱي ۾ اچي ٿو. مهاڙيئي جُون گگرون ۽ گهڙا ڏاڍا خوبصورت ٿيندا آھن، جن جُون ڳِچيون ڪُونج وانگي سَنهيون ۽ ڊِگهيون هُونديُون آھن. ڪُنڀارن کان سواءِ لوهار به پنهنجي لوهارڪي لوڪ جا بادشاھ آھن. ٿر ۾ ڪاريا لوهار ڪم جا ڪاريگر آھن، جيڪي هندُو مذهب سان تعلق رکن ٿا. ٿر جا لوهار هُونئن ته لوھ جي هر ڪم جا هوشيار آھن پر خاص ڪري چَنگُ ۽ چَڙا ٺاهڻ جا ڪمال جا ڪاريگر آھن. چَنگُ جا ٻه قسم ٿيندا آھن، هڪڙو مال جي ڪنڌُ ۾ ٻَڌڻ وارو چَنگُ ۽ ٻيو وڄائڻ وارو چَنگُ. ٿر جا لوهار ٻنهي کي ٺاهي سگهن. نه رڳو ٺاهي سگهن پر چَنگ وڄائي به سگهن ٿا.

ٿر جو هينڊي ڪرافٽ مُلڪان مُلڪ مشهور آھي. هينڊي ڪرافٽ ۾ ٿر جا سُوٽھڙ به ڪنهن کان گهٽ ناهن. ٿر جي واڍن جو ڪم آھي هَنا، پلاڻ، پاکڙا، هندورا، رحَل، صندوقون، مُنهن رکيون، ڪَٻٽ، الماريُون، شوڪيس، دريون، دروازا، کَٽُون ۽ پلنگ، جنترا (جنڊا) وغيره ٺاهڻ. هَنا ۽ پاکڙا ٺاهڻ ۾ مالڻهور ويڻا جو کيتوجي سُوٽھڙ پهرئين جوڙ جو شاھ ڪاريگر هو. هندورا ۽ رحل ٺاهڻ ۾ وري کينروهيءَ جو سُوٽھڙ ڪُونڀوجي ڪنهن کان گهٽ ڪونه هو. ڪُونڀوجي سوٽھڙ اهو ڪاريگر هو، جنهن رحل ٺاهي اُن وقت جي وزير اعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب غُلام رحيم کي گفٽ ڪئي هُئي، جنهن بروقت لک رُپين جو چيڪ لکي ڏنو هو. ڪُونڀوجي جا ڊزائن ڪيل ديوارن جي جالين وارا سانچا ۽ هندورا اڄُ به مشهور آھن. ڪاٺ جي ڪم ۾ ڪُونڀي سُوٽھڙ جھڙو شاھ ڪاريگر گهٽ ۾ گهٽ مُون نه ڏٺو.سُوٽھڙن کان سواءِ موچي به دستڪاريءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آھن. موچيءَ رڳو گهوٽ ڪنوار لاءِ وَرهولا نٿا گهڙين پر موچين جي ڪمن ۾ ٻڙھن جي ٿَڙھن تي چاندي مڙھڻ، تنگ مڙھڻ، سانداريُون ۽ ساندارا ٺاهڻ، پخالُون ٺاهڻ، ڪُنوار جي چَمڙيءَ جي جُتيءَ تي چاندي مڙھڻ، بندُوق جي هٿئي تي چاندي مڙھڻ، نيٽ مڙھڻ، وغيره.

ٿر جا آڏاڻا به آرٽ جو اعليٰ درجو رکن ٿا. ويڙهيجهپ جي ڪاريگر ميگهواڙن جون ٺهيل فرانسيون، لويُون ۽ کَٿا دُنيا جهان ۾ مشهور آھن، جيڪي رڍن جي اُن ۽ پشم مان ٺاهيندا آھن. ان کان سواءِ ڏاس جو ڪم به ٿر ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو. کَٿا، کرڙيُون، ٻوريُون، چؤنڪ ٻورا ۽ جالنگ ٻڪرين ۽ اُٺن جي ڏاس مان ٺاهيندا آھن. کَرڙيُون هيٺ وڇائڻ جي ڪم اينديون آھن. هاڻي کَرڙيُون وڇائڻ وارو وقت ويو هليو، ڇاڪاڻ ته نرم نرم قالين ۽ گلم غاليچا اچي ويا آھن. ڪو وقت هُوندو هو جو ٿر ۾ کرڙي هر گهر جي سُونهن ۾ شُمار هُوندي هُئي. ٻوريُون، چؤنڪ ٻورا ۽ جالنگ اُٺن تي سامان کڻڻ ۾ ڪتب آڻيندا هُئا. ان کان سواءِ کُرجڻيون/خُرزينون ۽ پاهورا/توبرا به ڏاس مان ٺاهيندا هُئا. کُرجڻي يا خُرزين گهوڙن تي سامان کڻڻ ۾ ڪم ڏيندي هُئي ۽ پاهورا گهوڙن کي داڻو ڏيڻ ۾ ڪم ڏيندا هُئا. پاهورا ۽ خُرزينون چم مان پڻ ٺاهيندا آھن. هاڻي اهي شيون عام ناهن رهيون. هاڻي ڏاس جي اُھا اهميت ناهي رهي. اڄُ ڪلهه جي جديد دؤر ۾ گهٽ ماڻهن کي اها خبر آھي ته ڏاس مان ويڙھي ڪيئن ٺھندي آھي؟ ويڙھي مان ڍيري ذريعي ڌاڳو ڪيئن ڪڍيو ويندو آھي. ڌاڳي کي وري ٻيئڙ ڪيئن ڪَتيو ويندو آھي؟ ڏاس ڪتڻ به هڪڙو گورک فَن آھي. ڪَتڻ جي حساب سان ٿري عورتون اَرٽ/چرخو ڪَتڻ ۾ به عاليشان هُيون.ٿر ۾ هٿ جو هُنر تمام وڏي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ خاص ڪري ڀرت ڀرڻ ۽ مور ويڃڻا ٺاهڻ ٿري عورتن جي ڪَمال ڪاريگري آھي. ڀَرت جا ڪيئي قسم آھن، جن ۾ هي مشهور آھن: ڪچو، پَڪو، مُڪو، ڪَنبير، کارڪ، صُوف، هُرمچ وغيره. ٿر جُون سُگهڙ عورتون هٿ جي هُنر ۾ تمام گهڻيون شاهوڪار آھن. پَڪي ڀَرت ۾ وري ميگهواڙ عورتن جو ڪو مَٽ ئي ناهي. گَج پڙا، پولڪا، ٻانڌُوڻا، ڪَنجرا، ڪَنجريُون، ٻُجڪيُون، پوٿا، ٻوڪانيون، اوڇاڙ، چادرون، شالُون، صندوق ڍَڪُ، ٿالهي ڍَڪُ، ميز پوش، اڳٺ، چوٽا، هٿ جا پَرس، چوپڙ راند، ۽ مور وينڃڻن کان وٺي اَبوڇڻين تائين انيڪ اھڙا ڀرت جا شاهڪار ڀرين ٿيون، جن کي گهڻو ڪري نياڻين جي ڏاج ۾ ڏنو ويندو آھي. ڦاٽل ڪپڙي کي ڳنڍڻ سارون، تُن ۽ مڇيءَ ڪنڊي کانسواءِ ٻه پُڙي شال ۽ اَجرڪ کي پاڻ ۾ ملائڻ جي لاءِ کِيل ڏيڻ به ڪو ٿَري عورتن کان سکي. ٽُڪ تي رَليون ۽ ويهاڻا ٺاهڻ ۽ ڪَٽاب ڪورڻ کان وٺي چِٽسالي تائين ڪيئي ڪلائون ڏيکاري سگهن ٿيون. هٿن تي ٽاجوئا ٺاهڻ، مٿي جا وار ڳُنڌڻ کان وٺي ٿري عورتون پئنٽگس/مصوريءَ جُون به ڪاريگر آھن. اُھي نه رڳو ڀرت سان ڪپڙي تي مختلف پئنٽنگس ٺاهينديون آھن پر گهر جي ڀتين تي ۽ ڪاغذن واري هارڊ شيٽ تي به خوبصُورت چترڪاري ڪنديون آھن. ڀرت کان سواءِ دستڪاريءَ ۾ ٻيا به ڪيئي پاسا آھن، جن کي ساراهي سگهجي ٿو. ٿري سُگهڙ عورتن جي وڏي ۾ وڏي اورکاڻ يا خاصيت چئجي ته اها هُئي جو اُھي آڌيءَ يا اَسُر جو اُٿي اَرٽ/اَئٽ ڪَتينديون هُيون، ولوڻا ولوڙينديون هُيون. جَنڊ جوٽينديون هُيون. سڀ کان پهرين رڍن جي اُن کي سَٽي پوءِ اُن مان ٻُڙا يا پُوڻيون ٺاهينديون هُيون. بعد ۾ اَرٽ تي ڪَتينديون هُيون. جَنڊ جوٽڻ کان پهرين اَنُ ڇڙڻو پوندو آھي. ولوڻو ولوڙڻ وقت ولوڻو سڀ کان پهرين پرونڌڻو پوي ٿو. پرونڌڻ به هڪڙو فَن آھي. ماٽيءَ ۾ مانڌاڻيءَ/جهيرڻو وجهي پوءِ مٿان مَن ۽ مڪڙو رکي نيٽي سان جُهڳڻو پوي ٿو. هاڻي اهي ٽيئي آرٽ گهڻي ڀاڱي ماضيءَ جو قصو ٿي ويا آھن. هن جديد دؤر ۾ ڪٿي ڪا ورلي عورت هُوندي، جيڪا اهي ٽيئي هُنر ڄاڻندي هُوندي. اڄُ ڪلهه جي فيشني عورتن کي ڪهڙي خبر ته اوبرا ڇا آھن؟ تَرڪ ڪهڙي ڪم ايندي آھي؟ ڪوڪڙيءَ تي ڌاڳا ڪيئن ويڙھجندا آھن؟ جَنڊ ۾ کِيل ڇو هُوندو آهي؟ گهرٽ جي پُڙي ۽ پاٽلي ڪهڙي ڪم اينديون آھن؟ مَن ۽ مَڪڙو ڇا کي چوندا آھن؟ اڄُ ڪلهه ولوڙڻ جُون مشينون بجليءَ تي اچي ويون آھن، کَٿا ۽ لويُون ريڊي ميڊ ملن پيا. آڏاڻا ئي اُجڙي ويا، اَٽو چَڪين تان پيٺل ملي ٿو. گهرٽين جي گهور بند ٿي ويئي. هاڻي نه آڌيءَ ويل اُٿڻ وارو رومانس رهيو آھي، نه ولوڻن ۽ جَنڊن جي دلفريب موسيقي ٻُڌڻ لاءِ ملي ٿي. تَڪڙي ترقيءَ واري هن نئين دؤر ۾ قديم آرٽ کي وڏو هاڃو رسيو آھي.ڪُرسيون ۽ کَٽون واڻڻ به هڪڙو لطيف فن آھي. ٿر ۾ کَٽون واڻڻ وارا اهڙا شاھ ڪاريگر ويٺا آھن، جو وڃي ٿيا ست خير. اوهان کي کَٽ ۾ ٻيهلڙن سان پاڻهياريءَ جي شڪل ٺاهي ڏيکاريندا ته چَنڊ ۽ تارا ٺاهي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندا. کَٽون واڻڻ جا به ڪيئي قسم آھن. سادي نموني واڻڻ کي بوج چون. باقي فيشني طريقي سان واڻڻ جا ڪيئي نالا آھن. کَٽن واڻڻ جا ڪاريگر واڻ ۾ نالا به لکي ڏيندا آھن، ائين جيئن اُٺن کي ڪَترڻ وارا ڪاريگر اُٺن تي نالا لکي ڏيندا آھن. اُٺ ڪَترڻ جا شاھ ڪاريگر ٿر ۾ موجود آھن، جيڪي لابيءَ سان اُٺ کي ڪتري اُن جي بدن تي عجيب ۽ غريب شڪلون ٺاهي ڏيکاريندا. ان کان سواءِ جوڪر ڇاپ خضاب سان اُٺ جي ڪياڙيءَ ۽ ڪَنن تي خوبصورت چِٽسالي پڻ ڪندا آھن. توڙي جو اُٺ هاڻي ٿر مان ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهيا آھن، پوءِ به ٿر ۾ اڃا به ڪي اهڙا ڳوٺ آھن، جن ۾ پاکڙا ۽ پلاڻ ملي ويندا. جن ۾ ٻَڙھا ۽ جُهلون ڳوليون لڀنديون. جتي مُهارون ۽ تَنگ ملي ويندا. ڪو وقت هُوندو هو جو اُٺ کي “سُڪي جو ٻيڙو” چوندا ھُئا، پر هاڻوڪي وقت ماڻهن اُٺ ڌارڻ ئي ڇڏي ڏنا آھن.