هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو تعصباڻو حڪم نامو

0
174
شديد گرميءَ ۾ اهنج وڌائيندڙ بنا جواز لوڊشيڊنگ
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سي) يونيورسٽين ۾ هوليءَ جو ڏڻ ملهائڻ تي تحفظات جو اظهار ڪندي دعوا ڪئي آهي ته ان سان ملڪي تشخص تي ناڪاري اثر پون ٿا. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طرفان سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ سربراهن کي خط لکي اهڙو اعتراض واريو ويو. خط ۾ لکيو ويو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجون پاليسيون ملڪ جي پنهنجي ثقافت، قدرن ۽ روايتن ۾ شامل تصورن کي سامهون رکي جوڙي رهيو آهي ۽ ان ريت قوم جي نظريي کي محفوظ رکيو پيو وڃي. خظ ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته، بدقسمتيءَ سان اهڙين سرگرمين جو مشاهدو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جيڪي اسان جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن سان بنهه مطابقت نٿيون رکن ۽ ملڪ جي اسلامي تشخص جي تباهيءَ جي منظرڪشي ڪن ٿيون. سنڌ حڪومت ايڇ اِي سي طرفان يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي پابندي لڳائڻ وارين هدايتن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وزيرن ان کي سنڌ جي رواداريءَ واري ثقافت جي روح جي توهين قرار ڏنو آهي.

اها ڳالهه مشاهدي ۾ ايندي رهي آهي ته، ادارن جي ڪم ڪار ۽ اختيارن جون جيڪي آئيني حدون مقرر ڪيون ويون آهن، اڪثر ادارا پنهنجن فرضن جي ان “ڪِريز” مان ٻاهر نڪري کيڏندا رهيا آهن. مطلب ته پنهنجو ڪم ڪرڻ جي بدران باقي هر اهو ڪم ڪرڻ چاهيندا آهن، جيڪو انهن جي اختيارن جي دائري ۾ ئي نٿو اچي. اهڙو ئي هڪ ادارو هائير ايجوڪيشن ڪميشن پڻ آهي، جنهن جي انتظاميا کي اختيارن جي هريڙ ڇا هٿ آئي، اهي پاڻ کي پنساري سمجهڻ لڳا آهن. ملڪ جي تعليم ته انهن کان سڌري نٿي، دنيا ۾ اسان جي يونيورسٽين جو ڪهڙو معيار آهي؟ هتي جون ڊگريون به ٻاهر قبوليت جوڳيون نه رهيون آهن. دنيا جي هڪ هزار ٽاپ يونيورسٽين جي لسٽ ۾ به اسان جون يونيورسٽيون شامل نه آهن. اسان وٽ نه تعليم جو معيار آهي، نه ئي وري تحقيق جو. ان طرف ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو ڌيان نٿو وڃي ۽ نه ئي اهي فرض احسن طريقي سان سرانجام ڏنا ٿا وڃن، پر يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن مان جوڻ مٽائي ايڇ اِي سي بڻيل هي ادارو هاڻ ثقافتي سرگرمين کي مانيٽر ڪرڻ به پنهنجو فرض سمجهڻ لڳو آهي. ان اداري هم نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين کي مانيٽر ڪرڻ جون ذميواريون پڻ سنڀالي ورتيون آهن.

عيدون هجن يا هولي ۽ ڏياريءَ جا ڏڻ، اهي مذهبي تهوارن سان گڏگڏ ثقافتي ڏڻ پڻ آهن ۽ سنڌ ته شروع کان وٺي مذهبي هم آهنگيءَ جو هندورو رهندي پئي اچي. هتي هندو توڙي مسلمان اهي ثقافتي ڏڻ گڏجي ملهائيندا آهن، اهوئي هتي جي رواداريءَ ۽ سهپ جو حسن آهي. ايڇ اِي سي طرفان لکيل خط ۾ اهي ڏڻ ملهائڻ سان ملڪي تشخص تي ناڪاري اثر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اسان سمجهون ته ملڪي تشخص تي ناڪاري اثر ته ايڇ اِي سي جي ڄاڻايل خط سان پوندا، جيڪو ملڪي رواداريءَ واري ماحول تي هڪ تعصباڻو وار آهي. دنيا رواداري ۽ مذهبي هم آهنگيءَ ڏانهن وڌي پئي پر اسان وٽ اعليٰ تعليم لاءِ ذميوار ادارو منافرت جي ترويج ۽ تبليغ پيو ڪري. اسان جي نصاب ۾ ڦورو ۽ حملي آور ته اسان جا سورما بڻيل آهن پر جڏهن ڪا سرگرمي مذهبي منافرت بدران هم آهنگيءَ لاءِ ٿئي ٿي، ان تي چيو وڃي ٿو ته اهي اسان جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن سان مطابقت نٿيون رکن ۽ ملڪ جي اسلامي تشخص جي تباهيءَ جي منظرڪشي ڪن ٿيون! اعليٰ تعليم ۽ تحقيق لاءِ ذميوار ادارو ڪهڙي خفي ۾ اچي پيو آهي؟!

سنڌ مذهبي هم آهنگي ۽ رواداريءَ وارين ثقافتي قدرن جي امين رهي آهي. مذهبي ڏڻ ملهائڻ جي آزادي ۽ اختيار ته آئين به ڏئي ٿو ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن رياستي آئين جي ڏنل حق ۾ روڪ ۽ رنڊڪ وجهڻ جو ڇو پيو مرتڪب ٿئي؟ ايڇ اِي سي کي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي ڪم تي ڌيان ڏيئي دنيا ۾ ملڪ جي يونيورسٽين جو وقار بحال ڪرائڻ گهرجي ۽ ثقافتي ڏڻن جي حوالي سان تعصباڻا حڪم ناما جاري ڪري رواداريءَ ۽ مذهبي هم آهنگيءَ واري ماحول کي خراب نه ڪري!