اشو آف دي ڊي … روڪ جي روڪي سگهين، هولي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، هيڪ پاران يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي پابندي خلاف عوام جو شديد ردعمل

0
106

  هيڪ پاران يونيورسٽين اندر هولي ملهائڻ تي پابندي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، هولي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، هيڪ جي پابندي رد ڪندي چيو ويو ته هولي ڀرپور انداز ۾ ملهائي ويندي، ان حوالي سان وينگس ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن هولي تي اعتراض وَرائي ان کي ملهائڻ تي بندش هنئي آهي درحقيقت هي بندش سنڌو تهذيب تي آهي. جڏهن سنڌي ٽوپي ۽ا جرڪ جي توهين ڪئي وئي ته ان جي ردعمل ۾ سنڌين ڀرپور احتجاج ڪندي اسلام آباد ۾ ويٺلن کي اجرڪ جي اهميت سمجهائي جو اڄ اجرڪ هرڪو پائي رهيو آهي.  مان هڪ سوال سنڌ ۽ هر سنڌي کان پڇان ٿي؟ ڇا هاڻي سنڌي هڪ آواز ٿي پنهنجي قديم تهذيب کي بچائڻ لاءِ اڳتي نه ايندا يا وري اهي به چپي اختيار ڪري يا هڪ ٻه سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪري ويهي رهندا. جيئن اجرڪ سنڌو تهذيب جو آ ان مان هڪ هولي به آهي پوءِ اسان جا ردعمل مختلف ڇو آهن؟ امر سنڌو لکيو ته هولي سنڌي ثقافت جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ هي سنڌ ۾ مذهبي آهنگي کي ظاهر ڪري ٿو، هيڪ پاران هولي ملهائڻ تي پابندي جي مذمت ڪجي ٿي، نصير ميمڻ لکيو ته هيڪ يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي اعتراض ڪيو آهي، حيران آهيون ته يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ هيڪ جي ڪهڙي ذهنيت آهي؟  دودو چانڊيو هولي ملهائڻ واريون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته روڪ جي روڪي سگهين، محسن ٻٻر لکيو ته ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سربراھ محترمه فرمائي ٿي ته تعليمي ادارن ۾ ھولي ملھائڻ ملڪ جي شناخت ۽ سماجي قدرن جي ابتڙ آھي. توھان اندازو لڳايو ته ملڪ جي يونيورسٽين جي سربراھه ذھني ۽ عقلي سطح ڪٿي وڃي ڇيھه ڪري ٿي. بشرا گوهر هيڪ جي پابندي کي شرمناڪ قرار ڏنو، هولي پاڪستان جي تاثر کي ڪيئن متاثر ڪري سگهي ٿي؟ منصور نثار به هولي واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هيڪ جي پابندي نامنظور، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌ سرڪار کي تعليمي ادارن ۾ سرڪاري طور هولي ملهائڻ گهرجي جيڪڏهن ايئن نٿا ڪن ته سنڌ جا شاگرد زبردست هولي ملهائي هيڪ کي ڀرپور جواب ڏين… هيڪ جي اهڙن روين اڳ ئي تعليم کي تباهه ڪيو آهي، محمد اسلم لکيو ته ھائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران تعليمي ادارن ۾ ھولي تي پابندي….ھولي مذھبي ڏڻ نه پر برصغير سميت سنڌ جي ثقافت جو حصو پڻ آھي ۽ اسين ھولي ملھائينداسين پوءِ توھان کي جيڪو ڪرڻو آھي اھو ڪيو پر ھولي ملھائبي ۽ باقاعده ملھائبي، توھان جي شدت پسندي کي ٻنجو ڏبو توھان کي انتھاپسندي ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ماڻھو ته ھولي ضرور ملھائينداسين …حبيب الله چاچڙ لکيو ته جيڪڏهن هولي ملهائڻ نٿا ڏيو ان کان بهتر آهي ته يونيورسٽين ۾ داخلائون به نه ڏيو ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏيو، هولي ملڪ جي سڃاڻپ ۽ سماجي قدرن خلاف آهي  باقي ڪرپشن ملڪ جي سڃاڻپ ۽ سماجي قدر جي حق ۾ آهي؟ سنديش ڪمار به هولي ملهائڻ واريون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هيڪ وارا ڏسو، برڪت نوناري لکيو ته تون ڇا ڄاڻين هولي ڇا هي، جيجل سنڌ جي ٻولي ڇا هي، تون ڇا ڄاڻين رنگ رنگولي، ديس ڌڻين جي ٽولي ڇا هي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هولي تي لڳايل پابندي کي رد ڪريون ٿا، سهيل ڦلپوٽو هولي ملهائڻ واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اسان چئون ٿا جيڪڏهن هوليءَ سان توهان جي نظام جو اميج خراب ٿي ٿو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڃان وڌيڪ زورشور سان ملهائينداسين، زبير احمد لکيو ته هولي نه رڳو رنگن جو تهوار پر صدين کان قائم رواداري جي روايتن جي امين ۽ امن جي علامت به آهي،هوليءَ جا ثقافتي رنگ زنده باد، شعيب ايس وڌو لکيو ته تون ڪيترا به ليٽر ڪڍ اسان سنڌي هر ڏينهن هولي ڪري ملهائينداسين، محبوب لغاري لکيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر ڪير هوليءَ جو ڏهاڙو نہ ملهائي.؟ اهو اڻ ٿيڻو آهي، راجا الطاف لکيو ته ڀلي هيڪ اهڙا پنجاھه نوٽيفڪيشن ڪڍي، پر اسان پنهنجن قومي ڏڻن کي ملهائڻ تان هٿ نه کڻنداسين. سنڌو نواز گهانگهرو لکيو ته هولي نه رڳو رنگن جو تهوار پر صدين کان قائم رواداري جي روايتن جي امين ۽ امن جي علامت به آهي، اسلام آباد يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان هولي جو ڏهاڙو ملهائڻ تي کين هراسان ۽ پريشان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هدايت کوسو لکيو ته دراوڙ ديس جي قديم تهوار هولي تي پابندي کي سنڌ جو شاگرد رد ڪري ٿو، هولي تي پابندي معنيٰ رنگن تي پيار محبت رواداري ڀائيچاري تي پابندي آهي، اياز سمون لکيو ته اسان انڊيا جي حڪومت تي تنقيد ٿا ڪريون ته اها مذهبي ايجنڊا کي هٿي وٺرائي رهي آهي ٻئي طرف اسان جي حڪومت هيڪ ذريعي هولي ملهائن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسان ۽ هنن ۾ فرق؟ سرويچ دراوڙ لکيو ته مذهب جي نالي تي خونريزي کان، ثقافت جي نالي سان رنگن جي هولي کيڏڻ ڪيئي ڀيرا بهتر آهي، مير ملڪ چولياڻي لکيو ته محترمه شائسته سهيل صاحبه اوهان جي نفرت سمجهي سگهون ٿا، اوهان کي هولي کان نه پر سنڌين کان نفرت آهي ڇو ته سنڌي ھي هولي ملهائيندا آهن، گلاب ڪمار لکيو ته اسان هولي ڀرپور  نموني ملهائينداسين، زاهد حسين لکيو ته هاڻ وري حڪمرانن کي هوليءَ جو ڏهاڙو ملهائڻ سان به مسئلو آهي، جبران شر لکيو ته هولي نج ثقافتي ڏڻ آهي جنهن ڏڻ ۾  هر سال سنڌ سمورن فرقَن کي وساري هڪ قوم ٿي محبتن جي رنگن ۾ رنگجي هڪ ٿي ويندي آهي. نثار لغاري لکيو ته هولي تي بندش !!! هُو اسان جي تهذيب ميسارڻ چاهن ٿا . اسان جو ڪلچر ختم ڪرڻ چاهن ٿا .  محبت، امن ۽ رواداري جي پيغام کي ختم ڪرڻ چاهن ٿا . توهان ڇا به ڪيو هرحال ۾ پنهنجا قومي ڏينهن ملهائينداسين.