گيلاني سينيٽ چيئرمين ۽ سردار سيدال خان ناصر بنا مقابلي ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويا

0
66

پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين ۽ ن ليگ جو سردار سيدال خان ناصربنا مقابلي ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويا، عهدن جو حلف به کڻي ورتو

 پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار يوسف رضا گيلاني کي عهدي جو حلف کڻايو، حلف برداري  دوران  پي ٽي آءِ  جي ميمبرز طرفان احتجاج ڪيو ويو،  گيلري ۾ ويٺل مهمانن طرفان گهڙي چور جا نعرا هنيا ويا

 حلف برداري بعد ايوان کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته  پنهنجي پارٽي ۽ اتحادي قيادت، جو ٿورائتو آهيان، سڀني جي اميدن تي پورو لهندس ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلندس

 اجلاس کي خطاب دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ذڪر ڪندي يوسف رضا گيلانيءَ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون

سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ڊپٽي چيئرمين سيدال ناصر خان کي عهدي جو حلف کڻايو، سينيٽ جو اجلاس اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو

سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ  جو احتجاج، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن جو بائيڪاٽ

 خيبر پختونخوا جي سينيٽرز جي ايوان ۾ موجودگي تائين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي  چونڊ ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر ايوان ۾خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن غير آئيني ۽ غير  قانوني قدم آهي

هن چيو ته ڪي پي ۾ سينيٽ اليڪشن ناهي ٿي، ڪي پي جا سينيٽرز ايوان ۾ موجود ناهن، هائوس پڻ مڪمل ناهي. اڄ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي جي چونڊ نه ٿي ٿي سگهي

جيڪڏهن اليڪشن ٿي ته فيڊريشن کي نقصان ٿيندو، ڪي پي سينيٽرز کان بغير اهم عهدي جي چونڊ اسان کي قبول ناهي، اليڪشن ڪميشن اهڙو ڪم نه ڪري، جنهن سان آئيني بحران پيدا ٿئي

 اعظم نذير تارڙ چيو ته آرٽيڪل 60 جا ٻه حصا آهن، حلف برداري کان اڳ اهڙِي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، علي ظفر ۽ محسن عزيز قانوني نقطا پيش ڪيا، اسان کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي

هن چيو ته مخصوص سيٽن تي ڪامياب اميدوارن کي حلف نه کڻايو ويو، فيصلي خلاف مخصوص سيٽن تي ڪامياب ميمبرز  عدالت سان رابطو ڪيو، پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر کي حلف کڻائڻ جو حڪم ڏنو

 ڪي پي اسيمبلي جي اسيپڪر عدالتي حڪم هوام اڏائي ڇڏيا، ڪي پي ۾ اليڪشن قدرتي آفتن سبب ملتوي ناهي ٿي

سينيٽ اجلاس  ۾ نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، پي ٽي آءِ جا سينيٽر پي ٽي آءِ باني جون تصويرون کڻي ايوان ۾ آيا

 پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار 37 نون چونڊيل ميمبرز کي سينيٽر طور حلف کڻايو، ننڍي چونڊ دوران ڪامياب ٿيل 6 سينيٽرز به حلف کڻي ورتو، خيبر پختونخوا ۾ سينيٽ اليڪشن نه ٿيڻ سبب 11 سينيٽرز حلف نه کنيو

 پيپلزپارٽي جي 18، نون ليگ جي 14، جي يو  آءِ جي 3 ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 2 ميمبرز حلف کنيو

يوسف رضا گيلاني، اسحاق ڊار، انوار الحق ڪاڪڙ، ايمل ولي خان، ڄام سيف الله، اسلم ابڙو، نديم ڀٽو ۽ ٻين  به حلف کڻي ورتو، سني اتحاد ڪائونسل جي حامد خان ۽ ايم ڊبليو ايم جي علامه ناصر عباس به حلف کنيو