ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو هڪڙو موقعو ڏيون ٿا: ضياء الحسن لنجار

0
65
ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو هڪڙو موقعو ڏيون ٿا: ضياء الحسن لنجار
ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو هڪڙو موقعو ڏيون ٿا: ضياء الحسن لنجار

صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو هڪڙو موقعو ڏيون ٿا، عيد کانپوءِ خطرناڪ آپريشن شروع ٿيندو

صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جون ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته رياست پنهنجي رٽ قائم ڪري ڏيکاريندي، ايم ڪيو ايم سستي شهرت ماڻڻ لاءِ بيان بازي ڪري رهي آهي

هن چيو ته آئين موجب فوج رڳو جنگي حالتن ۾ گهرائي ويندي آهي، پوليس پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ۽ آءِ جي سنڌ گهوٽڪي ۾ موجود آهي، آءِ جي سنڌ ڪچي جي صورتحال ڏسي رهيو آهي