ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ويجھو گنڊير شاخ ڀرسان گذريل ڏينهن اغوا ٿي ڪشمور واسي پيءُ پٽ بازياب ٿي ويا. پيسٽيسائيڊ ڪمپني جو ملازم سراج احمد گولاٽو ۽ سندس 6 ورھين جو معصوم پٽ بازياب ٿيڻ جي وارثن تصديق ڪئي. ذريعن موجب بخشاپور جي ٻن چڱن مڙسن معرفت ڀنگ جي رقم عيوض ٻنهي جي بازيابي عمل ۾ آئي، هنن چيو ته ايس ايس ڪشمور بشير بروهي پي پٽ اغوا ٿيڻ بعد ڪو به سھڪار نه ڪيو ، مايوس ٿي چڱن مڙسن معرفت ڀنگ ڀري ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرايو.