ووٽ کي عزت ملڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا

0
279

هن سال مون سون جي مند ۾ موسميات کاتي معمول کان به گهٽ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر تازو ٿيل برساتن موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي ان ڪري به ڌوڙ ڪري ڇڏيو آھي جو ان اسلام آباد شهر جنهن ۾ ڀلي روز برسات پوندي رهي پر اتي زندگي هلندي رهندي آھي منٽن ۾ برسات جو پاڻي ايئن نيڪال ٿي ويندو هو جو ماڻهن کي لڳندو هو ته برسات ڄڻ پئي ئي نه آھي پر اسلام آباد ۾ تازو ٿيل برساتن سبب اسلام آباد ۾ گاڏين جي لڙهڻ، ڪلٽيون کائي پاڻي جي نذر ٿي وڃڻ جي منظرن ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي نه رڳو اسلام آباد پر راولپنڊي ۾ به برسات راڱا ڪيا آھن اتي نالا لئي ڀرجي ويو آھي جنهن جي ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڀلي ته اسان جي ملڪ اندر موسمي صورتحال جي حوالي سان اڳڪٿي درست ثابت نه ٿئي پر اسان جي ملڪ ۾ سياسي صورتحال بابت رٿابندي يا روايتون تبديل نٿيون ٿين. چيو ويندو هو ته جنهن پارٽي جي مرڪز ۾ حڪومت هوندي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت اها ئي پارٽي ٺاهيندي آھي تازو آزاد ڪشمير جي ٿيل چونڊن ۾ به مرڪز ۾ حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ سادي اڪثريت جيتريون سيٽون حاصل ڪري آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آھي. آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت ٺاهي رهي آھي ان کان اڳ پي ٽي آءِ گلگت ۾ به حڪومت ٺاهي چڪي آھي.
آزاد ڪشمير ۾ ٿيل چونڊن بابت اتفاق سان جيڪي تجزيا چونڊن کان اڳ ڪيا پئي ويا چونڊ نتيجا به انهن تجزين وانگر سامهون آيا آھن نه رڳو ايترو پر اسلام آباد جي وڏي شاپنگ مال جي جنهن مالڪ بابت چيو پئي ويو ته اهو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندو اهو نه ڳو چونڊ وڙهيو پر ان لاءِ چونڊن کان اڳ به اهو چيو پئي ويو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن بعد اهو ئي آزاد ڪشمير جو وزير اعظم ٿيندو چونڊن بعد هاڻي اسلام آباد جي سڀ کان وڏي شاپنگ مال جي مالڪ جو نالو متوقع وزير اعظم جي عهدي لاءِ به اچي رهيو آھي جيڪو نه رڳو اسلام آباد ۾ شاپنگ مال جو مالڪ آھي پر سردار تنوير ڪشمير ۾ به اهڙي شاهاڻي زندگي گذاريندڙ آھي جهڙي شاهاڻي زندگي شايد ڪنهن جي هجي. چون ٿا ته ڪشمير ۾ سندس گهر ۾ هيلي پيڊ به ٺهيل آھي اهو سردار تنوير جيڪو ڪاروباري شخصيت طور سڃاڻپ رکي ٿو جيڪڏهن آزاد ڪشمير جو وزير اغظم ٿيندو ته ان جو ڪشميرين کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ان سوال جو جواب ته ايندڙ وقت ۾ ملي ويندو پر آزد ڪشمير جي چونڊ مهم دوران جيڪا ڪشمير مامرن جي وزير لب ڪشائي ڪئي آھي اها سياسي ماحول ۽ روايتن لاءِ چڱي نه آھي.
علي امين گنڊاپور اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي غدار جو لقب ڏنو نه رڳو ايترو پر آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ وزير اعظم عمران خان پاڻ چونڊ مهم لاءِ اتي پهتو وزير اعظم جي عهدي تي هوندي ان کي چونڊ مهم هلائڻ گهرجي يا نه وارو سوال ته اهم آھي جنهن کي وزير اعظم مٿان ڇڏي صرف اهو چوڻ ڪافي آھي ته جيڪڏهن مرڪز ۾ ٻئي ڪنهن جي حڪومت هجي ها ۽ ان پارٽي جو وزير اعظم چونڊ مهم هلائي ها ته عمران خان ان کي ڌانڌلي ضرور قرار ڏئي ها. خير ڪشمير جي چونڊ ٿي چڪي آھي ۽ نتيجا به سامهون اچي چڪا آھن انهن نتيجن کي ڏسي ذهن ۾ سوال اهو ڪر کڻي بيهي ٿو ته پارٽين کي ڪهڙي ڪسوٽي جي بنيادن تي ووٽ مليا آھن. سچ ته ان سوال جو ڪو جوڳو جواب نه منهنجي ذهن ۾ اچي رهيو آھي نه ئي ڪو صحافي اهو چوندي نظر اچي رهيو آھي ته ڪارڪردگي جي بنيادن تي آزاد ڪشمير جي چونڊ ۾ پارٽين کي ووٽ مليا آھن.
ڪشمير ۾ ته پي ٽي آءِ جي حڪومت نه رهي آھي مٿان وري پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جي جيڪاڪارگردگي گذريل ٽن سالن کان رهي آھي ان بنياد تي پي ٽي آءِ کي ووٽ ملڻ پنهنجي پر ۾ هڪ وڏو تحقيق ۽ تجزيي جو موضوع آھي. جيڪڏهن ڪارگردگي بجاءِ چونڊ کٽڻ ۾ ٻيا فيڪٽر سڀ کان حاوي آھن ته پوءِ چونڊن تي سوال ته ضرور پيدا ٿيندا. جيڪڏهن چونڊن ۾ سياسي ڪارڪنن بدران واپاري انتهائي ڌيان جو مرڪز هوندا ته پوءِ عمران خان جي اها دعويٰ ته پارٽي کي ميرٽ تي هلايو ويندو هوا ٿي وڃي ٿي.سوال هي به آھي ته ڇا ملڪ اندر ايندڙ بلدياتي چونڊون ۽ عام چونڊون به انهي انداز سان ٿينديون؟ اهو سوال انتهائي اهم آھي ڇو ته هاڻي کان ئي وڏي اعتماد سان حڪمران پارٽي جا وزير اهو چوڻ لڳا آھن ته ايندڙ عام چونڊن بعد سنڌ ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي. هاڻ کان ئي سنڌ ۾ پپلزپارٽي مخالف اتحاد ٺاهڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آھن جنهن جا باضابطه اجلاس به شروع ٿي ويا آھن پر پيپلزپارٽي مخالف اتحاد کي اڃان حتمي صورت ڏيڻ ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ سميت مامرا باقي آھي.
پر سنڌ حڪومت عام چونڊن کان اڳ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو سوچي رهي آھي مطلب ته آزاد ڪشمير بعد هاڻي ملڪ ۾ بلدياتي چونڊن جو مرحلو شروع ٿيندي نظر اچي رهيو آھي. بلدياتي چونڊن جا به ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن تي اثر پوندا، پنجاب صوبي ۾ بلدياتي چونڊون دلچسپ هونديون جيڪي ايندڙ عام چونڊن بابت تجزيا يا اندازا لڳائڻ کي آسان بنائينديون، ايئن ڪي پي ۾ بلدياتي چونڊون به اهم ان ڪري هونديون جو اهي چونڊون ٻڌائينديون ته عام چونڊن ۾ ڪي پي جي صورتحال ڇا سامهون اچي سگهي ٿي؟ پر اسان وٽ محسوس اهو ٿيندو رهيو آھي جو مهربانن جون مهربانيون ۽ رضامندين جو آشيرواڌ جنهن پارٽي کي جيترو ملندو آھي ان کي چونڊن ۾ اوترو ئي فائدو ٿيندو آھي ۽ مهربانن جون مهربانيون انهن جي رٿابندي تحت هونديون آھن. عام چونڊن ۾ اڃان ٻن سالن جو وقت آھي پاڪستان ۾ سياست کي ڊي ٽو ڊي افيئر سمجهيو وڃي ٿو ان ڪري ٻن سالن جو وقت هوائن جو رخ تبديل ڪرڻ تبديلي مٿان تبديلي آڻڻ لاءِ ڪافي آھي پر 2018ع جي عام چونڊن بعد چونڊن جي رٿابندي ۽ چونڊن جي ساک تي جيئن بي باڪ تبصرا ٿيا آھن اهڙو مثال ماضي ۾ ملڻ مشڪل آھي. هاڻي اشارن ۾ نه پر سڌيون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آھن اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن کي نقصان به ٿيو آھي.
ن ليگ جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته اها اسٽريٽ پاليٽڪس جي جماعت نه آھي ان ن ليگ جي مريم نواز شريف جا جلسا اهڙي راءِ کي رد ڪري رهيا آھن، مريم نواز جي جلسن ۾ ماڻهن جا هجوم ڏسي ن ليگ وارا موجوده ن ليگ کي نئين ن ليگ تصور ڪري رهيا آھن پر ڪجهه ن ليگ وارن جو خيال اهو آھي ته ن ليگ کي تڏهن فائدو ٿيندو جڏهن اها پراڻي پاليسي واري ن ليگ ٿيندي، مطلب ته ن ليگ اندر ٻه رايا رکندڙن وچ ۾ به سرد جنگ آھي، ن ليگ کي ان مان به ٻاهر نڪرڻو پوندو. پر اهم سوال هي آھي ته ملڪ اندر اهڙي چونڊ ڪڏهن ٿيندي جنهن مٿان ڪو آڱر نه کڻي ۽ نه ڪوئي اسٽيبلشمينٽ جي چونڊن ۾ ڪردار هجڻ جي ڪو شڪايت ڪري، اهڙي چونڊ ماضي ۾ ته ڪڏهن نه ٿي آھي مستقبل ۾ ڪڏهن اهڙي چونڊ ٿيندي ان بابت به ڪو يقين سان نٿو چئي سگهي. جيڪڏهن چونڊون ڪنٽرولڊ هونديون ته حڪومتي وهنوار به ڪنٽرولڊ هوندو مامرا ايئن هلندا جيئن هلي رهيا آھن جن ۾ هڪ ٻئي کان شڪايتن جا انبار هوندا، الزام تراشي ،رساڪشي سياسي بي يقيني جي صورتحال هوندي.
انهي صورتحال جي ڪري اسان جي ملڪ جو 70 سالن جي عرصي بعد به اڃان ترقي پذير ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود مسئلا ئي مسئلا آھن جن مسئلن جي گهٽجڻ بجاءِ انهن جي انبار ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آھي انهن مسئلن جو حل نج عوامي مرضي ، منشا ۽ مينڊيٽ تي هلڻ سان نڪري سگهي ٿو پر جنهن ملڪ ۾ ٿر ڪول فيلڊ ۾ پهريان هڪ مزدور دودي ڀيل کي بي رحماڻو تشدد ڪري ماري ڇڏڻ وارو واقعو ڪرڻ جي ذهنيت هيٺين سطح تائين موجود هجي ته اتي عام ماڻهن جي ووٽ جو حق ڪٿان مڃيو ويندو. ان دودي ڀيل جي واقعي کي ٿر ۾ اڃان ماڻهو وساري نه سگهيا هئا مٿان ساڳي ٿر جي علائقي ۾ سوشل ميڊيا ذريعي هڪ اهڙو نسورو ناحق سامهون آيو آھي جنهن سچ ته ننڊ ئي اڏائي ڇڏي آھي. ٿر جي ڀيل نوجوان کان ان جي مذهب جي تذليل ڪرڻ لاءِ زبردستي ۽ ڏاڍ جو استعمال ڪندڙ شخص جي صورت ۾ جيڪا ذهنيت سامهون آئي آھي ان انسانيت جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا آھن اهڙي ذهنيت تي ان کي خوف نه ٿيڻ،لمحي لاءِ به اهڙي عمل تي شرم نه اچڻ فڪرمند نه ٿيڻ وارو مامرو اڃان به وڌيڪ ڀيانڪ آھي. افسوس ته اهو واقعو ان هنڌ ٿيو آھي جتي مذهبي لحاظ کان اقليت تصور ٿيندڙ هندن جي اڪثريت آھي ان باوجود ان ئي علائقي ۾ مڪيش ڀيل سان روا رکيل رويو مسڪين ،پرامن ۽ اٻوجھه ماڻهن سان ٿيندڙ سلوڪ جي نشاندهي ڪري ٿو. مڪيش سان غير انساني سلوڪ ڪندڙن کي اهو ڪير سمجهائيندو ته قانون جي نظر ۾ مڪيش کي به اهي اختيار آھن جيڪي ان کي آھن، مڪيش جو به حڪومت جي قيام ۾ ان وانگر ووٽ آھي پر جسيتائين مڪيش کي هڪ انسان طور عزت نه ملندي ان جي حقن کي نه مڃيو ويندو ته مڪيش جي ووٽ کي ڪيئن عزت ملي سگهندي. مڪيش سان ورتا ڪندڙ کي ته قانون سخت سزا ڏئي پر اهڙي سوچ جي علاج جي ضرورت آھي جنهن لاءِ عوامي حڪمراني جو قيام ضروري آھي جنهن لاءِ هر ووٽ جي عزت ،وقار قائم ڪرڻ ضروري آھي ان لاءِ چونڊن ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جي اثر کي ختم ڪري عام ماڻهن کي پنهنجي ووٽ لاءِ ڪنهن به قسم جي دٻاءَ کان پاڪ ڪرڻو پوندو.