دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ جا اثر راندين تي به پوڻ لڳا آهن، ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت نه ڪرڻ کانپوءِ پي سي بي جي ڌمڪي ڪم ڪري وئي، پاڙيسري ملڪ ۾ ٿيندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ جون پنهنجون ميچز گرين شرٽس طرفان بنگلاديش ۾ کيڏڻ جو امڪان آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ آءِ سي سي کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيو ويو هو ته اسان پنهنجون ميچون پاڪستان بدران نيوٽرلز وينيو تي کيڏنداسين، ان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي معاملو آءِ سي سي جي اجلاس ۾ بهترين طريقي سان اٿاريو، ان دوران پاڪستان طرفان چيو ويو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندا، ڀارت کي پان اڪستاچي کيڏڻو پوندو ٻي صورت ۾ اسان به ڀارت وڃي نه کيڏنداسين. ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب 2023ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ جون پاڪستان جون ميچون ڀارت بدران بنگلاديش ۾ ٿي سگهن ٿيون، ان وڏي ايونٽ جو ميزبان هندوستان آهي ڪرڪ انفو موجب اي سي سي اصولي طور تي هائبرڊ ماڊل تي غور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو ٽورنامينٽ کي پاڪستان ۾ منعقد ڪرڻ جي اجازت ڏيندو پر ڀارتي ميچز غير جانبدار هنڌ تي کيڏيا ويندا حتمي فيصلو اڃا نه ٿيو آهي. نيوٽرل هنڌ ۾ يو اي اي، عمان، سريلنڪا يا انگلينڊ شامل آهن. جيڪڏهن ڀارت فائنل ۾ پهچي ٿو ته فائنل ۾ ٻئي ملڪ ۾ کيڏيو ويندو.