سوال/سروي … گيس جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي، ڪاٺين ۽ ڇيڻن جو ملهه وڌي ويو، سحري ۽ افطاري وقت به رڌ پچاءُ لاءِ پريشاني ٿئي ٿي: عوام

0
180

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته رمضان جي مهيني ۾ اوهان جي علائقي ۾ گيس جي ڇا صورتحال آهي؟ ڇا گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، سحري ۽ افطاري وقت به پريشاني ٿئي ٿي، گيس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪاٺين ۽ ڇيڻن جون قيمتون به وڌي ويون آهن، ماڻهو پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور زرداري لکيو ته اسان وٽ گئس آهي ئي نه، منير گائنچو لکيو ته وارهه کان هڪ ڪلو ميٽر پري ڳوٺ آهي، پر گيس جي سهولت ناهي، ڪامران علي لکيو ته ڦل شھر ۾ گيس اسان وٽ اچي نه ٿي، شھر وارا ٻهراڙين مان ڪاٺيون ڪرڻ تي مجبور آھن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته چونڊيل نمائندن جي مهرباني سان اسان جي شهر پڪاچانگ ۾ گيس جي سهولت ئي ناهي البته هتان مين گيس پائيپ لائين گذري ٿي جنهن مان پنجاب به گيس ٻاري ٿو، الطاف کوڙ لکيو ته مير پور بٺورو ۾ اسان وٽ گئس آھي ئي ڪونه . سنڌ امير آھي پر سنڌ جي عوام ھر سھولت کان محروم آھي ٻھراڙي ۾ ڪابه سھولت موجود نه آھي . ٻھراڙيءَ جا ماڻھو اڃا تائين پٿر واري دور واري زندگي گذاري رهيا آهن، وقار احمد مڱريو لکيو ته خيرپور ۽ ڀرپاسي ۾ گئس جي شديد لوڊشيڊنگ ٿئي رھي،سحري ۽ افطاري ڪرڻ مشڪل ٿئي ويو آھي. شنڪر لال لکيو ته بلڪل اسان وٽ گيس جي فراهمي تمام گهٽ آهي…عامر علي جوڳي لکيو ته مرزاپور ۾ گيس جي ڏاڍي لوڊشيڊنگ آهي، رهواسين ڪاٺـيون ۽ ڇيڻا ٻارڻ تي مجبور آهن، موهن لال لکيو ته سنڌ مان گيس نڪري پنجاب وڃي پئي پر اسان جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ گيس ناهي. ڪاٺين تي رڌ پچا ڪندڙ آهيون پر ڪير تدارڪ ڪرڻ وارو ناهي. شڪيل احمد لکيو ته ٻيلي شھر ۾ گئس لوڊ شئڊنگ شيڊيول موجب نه ٿي ٿئي، گئس اختيارين کي گھرجي ته گئس فيڪٽرين کي ڏيڻ بدران گھريلو صارفين کي ترجيح ڏني وڃي۔ جڏھن ته گئس جي قلت کي نظر ۾ رکندي LPG جي قيمت گھٽ ڪري ٻھراڙي جي عوام کي رليف ڏنو وڃي، نادر ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻو ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ برقرار آهي جنهن سبب روزيدارن کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، شبير احمد سهتو لکيو ته عمرڪوٽ ۾ اسان وٽ گيس آهي ڪونه پريشاني ڇو ڪريون، عاشق حسين لکيو ته بجلي وانگر ھاڻي گذريل 6 مھينن کان گيس جي به لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي پر پريشر گھٽ آھي ان جي ڪري ڪمپريسر لڳائڻو پوي ٿو، رمضان شريف ۾ وڏي پريشاني کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، عبدالقدير لکيو ته اسان وٽ ٻبر جون ڪاٺيون ڀليون ٿيون ٻرن، ياسر گهانگهرو به سروي ۾ حصو ورتو، محمد حسن کوسو لکيو ته ڪنڊيارو ۾ سحري ۽ افطاري وقت گيس هوندي آهي، عبدالوحيد چنا لکيو ته ڪنڊيارو ۾ گئس جو وڏو بحران آھي شھري جديد دور ۾ به ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاءَ ڪري رھيا آھن ۽ سرندي وارن وٽ ته ايل پي جي سلينڊر آھن باقي ويل ۾ ساڳيو ئي غريب آھي گئس 24 ڪلاڪن مان فقط ڪجھه ٽائيم ھلي ٿو اھو به اتي جن وٽ ڪمپريسر لڳل آھن باقي ڪل خير، عاشق ڀٽي لکيو ته سڪرنڊ ۾ اسان جو ڳوٺ ميرخان ڀٽي گيس جي سھولت کان محروم آھي، جڏھن ته اسان جي ڳوٺ جي برابر ۾ بختاور ڪيڊٽ ڪالج آھي ۽ اتي ڪيس جي سھولت آھي، اسد علي جويو لکيو ته گلستان جوھر ڪراچي ۾ رات جي ٽائيم ۽ سحري جي ٽائيم گيس ئي ڪونھي، ڪاشف لغاري لکيو ته پير ڳوٺ ڪينگري ۾ خالي نالي لاءِ گئس آفيس ۾ عملو آھي باقي گئس سپلاءِ ناھي… مراد علي لکيو ته رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ سيري ۽ ان جي آس پاس وارن علائٔقن م گيس جو پريشر تمام گھٽ آهي لوڊشيڊنگ به تمام گهڻي آهي رھواسي ڪاٺين تي رڌ پچا۽ ڪرڻ تي مجبور آهن، محمد حنيف لکيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ رمضان مھيني ۾ گيس جي وڏي پريشاني آهي پريشر بلڪل نا ھجڻ جي برابرآھي عوام مهانگيون ڪاٺيون وٺڻ تي مجبور آهي، وفا معشوق علي کوکر لکيو ته خيرپور ناٿن شاهه ۾ گئس جو ته نالو ئي ڪونهي هر وقت لوڊشيڊنگ هوندي آهي هتي انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو ڪم پيو هلي، امتياز جمالي لکيو ته سرهاڙي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته وڳڻ شھر ۾ ته گيس آھي ئي نه توڙي جو وڳڻ شھر جي ڀرسان گذري وڃي ٿي پر وڳڻ شھر کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. عبدالغفار جويو لکيو ته ڪرونڊي شهر ۾ گئس آهي ئي ڪونه، علي حيدر عباسي لکيو ته ڀرياسٽي ۾ مسلسل سئي گئس عملي جي مبينا ناجائزي جو سلسلو جاري آهي سحري توري افطاري دوران بـ گئس جي لوڊشيڊنگ جاري آهي ڪير بـ نوٽيس وٺڻ لا۽ تيار ناھي، طارق سهتو به سروي  ۾ حصو ورتو، عبدالرحمان لکيو ته بس ميٽر لڳل آهي باقي گئس ته اچي ئي ڪونه، امير ميرجت لکيو ته وارهه شھر م گئس نه آھي، حسيب الله مسور، آر ڊي ناگور، به سروي ۾ حصو ورتو، نارائڻ داس لکيو ته بلڪل نج ھجڻ جي برابر آھي ميرپورخاص ۾، راجو ٺاڪر لکيو ته ملڪاڻي شريف م ڪجھ ڪلاڪن لا۽ بس گيس هلي ٿي، رسول بخش جهيجو لکيو ته اسان وٽ ت نالي ماتر آھي، وفا شانل سميجو لکيو ته اسان وٽ 24 ڪلاڪ حاضر آهي، شفقت جتوئي لکيو ته اسان وٽ صحيح آهي، سردار راشد جمالي لکيو ته نواب شاهه جي يوسي حسن جمالي ۾ گيس جي لوڊشيٽنگ تمام گهڻي ٿي وئي آھي 24 ڪلاڪن صرف ۾ 5 ڪلاڪ گيس هوندو آھي ان ۾ به پريشر ناهي هوندو، فاطمه علي لکيو ته اسان وٽ به لوڊشيڊنگ اهي، حر ڪي ڊي راڄڙ به سروي ۾ حصو ورتو، ماڻڪ حڪيم لکيو ته بڪيراشريف ۾ به گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي سوئي سدرن گئس ڪمپني طرفان رمضان المبارڪ جي ڀلاري ۾ به هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري روزيدارن کي سخت پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو سحري ۽ افطاري جو ٽائيم مقرر هئڻ باوجود به گئس ناهي غريب عوام دانهون ڪاڪون نه ڪندي ته ڇا ڪندي، ڏٺو وڃي ته ڀلاري مهيني جي آمد سان روزمره جي شين جا ريٽ اڳ ئي جئيڻ جو گس نه ڇڏيو مٿان وري گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، هاڻي ته ڪاٺيون ۽ ڇيڻن جو ريٽ به هائي ٿي ويو ڪاٺيون 500 کان 700 تائين في مڻ وڃي پوي پيو غريب عوام پوءِ خودڪشي نه ڪندا ته ڇا ڪندا. باقي حڪمران ته حڪمران آهن، عبدالغني کوسو لکيو ته جيڪب آباد ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ 18 ڪلاڪ ٿي رهي آهي شهر ۾ صرف صبح مجهند ۽ رات لاءِ ٻه ٻه ڪلاڪ گئس فراهم ڪيو پيو وڃي، گئس جي بحران سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ڇو ته هر گهر ۾ کاڌو تيار ڪرڻ جو الڳ الڳ ٽائيم هوندو آهي پر گئس انتظاميا پاران اهڙو شيڊول رکيو ويو رات جي کاڌي لاءِ 6 وڳي شام جو گئس فراهم ڪري 8 وڳي بند ڪيو پيو وڃي،صوفي طارق علي کوسو لکيو ته اسان جي علائقي انڙپور م 14 کوھ گيس جا مليا آھن جن مان 3 جو ڪم مڪمل ٿي ويو آھي باقي 11 کوھ ڪم کان رھيل آھي پر افسوس جھڙي ڳالھ اھا آھي تہ اسان ڳوٺ انڙپور تعلقا مانجھند ضلعي توڙي آس پاسي م ڪٿي بہ گيس نہ مليو آھي ھاڻي انھي کان وڌيڪ اسان نٿا لکي سگھون…. نديم علي ڀٽو، سعيد عباس سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، غلام حسين ڀٽي لکيو ته نوان جتوئي، پراڻا جتوئي جي مخلتف پاڙن ۾ ڳچ عرصي کان گئس ئي ناھي، مورو گئس آفيس وارا ڪِنهن بادشاھ کان گهٽ ئي ناھن، ھن جديد دور ۾ ھتان ماڻهوءَ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻارڻ تي مجبور آھن، بادشاھ سلامت، بس سلامت رھي. رياض حسين بهڻ، اياز، شهداد علي به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد فياض وساڻ لکيو ته جھول لڳ حاجي شاهه اسيٽاب ۽ ڀرپاسي ۾ گئس جي شديد لوڊشيڊنگ ٿئي رھي آهي سحري ۽ افطاري ڪرڻ مشڪل ٿئي ويو آھي، گئس جو بحران وڌي ويو آھي، ڀلاري مھيني ۾ به گئس جو بحران گھٽجي ناھي سگھيو، سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳا آھن،بلڪل اسان وٽ گيس جي فراهمي تمام گهٽ آهي…عبدالقيوم لغاري لکيو ته اسان وٽ گئس آھي ئي ڪونه . سنڌ امير آھي پر سنڌ جي عوام ھر سھولت کان محروم آھي ٻھراڙي ۾ ڪابه سھولت موجود نه آھي . ٻھراڙيءَ جا ماڻھو اڃا تائين پٿر واري دور واري زندگي گذاري رهيا آهن. سجاد علي ابڙو لکيو ته ڳڙهي ياسين ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ برقرار آهي جنهن سبب روزيدارن کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، محمد ارسلان چانڊيو لکيو ته تعلقه مورو يوسي خيرواه قمرالدين چانڊيو ۾گيس جي لوڊشيڊنگ جاري آھي، رحمان بلوچ لکيو ته ڪراچي ۾ ظلم آهي وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، مير حفيظ لکيو ته لاڙڪان ۾ رات جو 9.30بجي کان بند ٿي وري 2.30 وڳي اچي ٿي، عبدالمتين ڏهر به سروي ۾ حصو ورتو.