نصرپور (اسپورٽس نيوز)  نصرپور شھر ۾ پهرين شهيد بينظير ڀٽو نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري آهن. رائونڊ ميچ ۾ اي آر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مخالف ٽيم کي 8 اوورن ۾ 112 رنز جو هدف ڏنو. جواب ۾ نورنبي دائود پوٽو جي بهترين بيٽنگ سبب شهيد ممتاز سخت مقابلي بعد هدف پورو ڪري ورتو. نور نبي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو ٻي ميچ ۾اي آر اسپورٽس 100 رنسن ٺاهيون. جواب ۾ اي آر اسپورٽس جي بالر تنوير شاهه جي بهترين بالنگ سبب خان اسپورٽس 66 رنسن تي ڍير ٿي وئي. تنوير کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.