وقت جو بهتر استعمال ڪاميابيءَ جي پهرين چاڙهي آهي

0
234

سيما چانڊيو

 جديد ٽيڪنالاجي جتي ڏينهون ڏينهن زندگي کي آسان بڻائي رهي آهي، وقت بچائڻ واري شين جي وڌِ کان وڌِ ايجاد ٿي رهي آهي، اڳ جيڪو ڪم چئن ڪلاڪن ۾ ٿيندو هو، اُهو هاڻي اڌ ڪلاڪ ۾ ممڪن بڻايو ويو آهي، اُتي مصروفيات جي اسباب جي گهڻائي به عروج تي آهي. اڳ جسماني پورهئي جو دور هو، ۽ هاڻي ذھني پورهيو زور وٺي رهيو آهي، مشينري جي گهڻي ايجاد ٿي چُڪي آهي، جنهن سبب صحت جي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جسماني پورهيت کان ذهني پورهيت لاءِ وقت جي پابندي وڌيڪ ضرورت بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن اسان وٽ وقت جي بهتر استعمال جو ڏانءُ ڪونهي ته بجاءِ سُلجهڻ جي اُلجهي مونجهاري جو شڪار بڻجي ذهني صلاحيتن کي متاثر ڪندا آهيون. اسان کي اِهو ته فڪر هوندو آهي ته اسان کي ڪيترو پيسو ڪمائڻو آهي ۽ ڪيترو بچائڻو آهي، يا اسان ڪيترو پيسو ڪمايو آهي ۽ ڪيترو خرچ ڪيو آهي .پر ان ڳالهه جو ڪو فِڪَرُ ناهي هوندو ته اسان ڪيترو وقت بچايو آهي ۽ ڪيترو خرچ ڪيو آهي. روزانو اسان اِهو ته حساب ڪندا آهيون ته ڇا ڪمايوسين ڇا بچايوسين پر روزانو گهڙي پل ويهي اهو نٿا سوچيون ته اَڄُ ڪيترو وقت سُٺو خرچ ڪيوسين ۽ ڪيترو ذيانُ ڪيوسين. هڪڙا ماڻهو سستيون شيون خريد ڪرڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ بيهندا آهن، ۽ هڪڙا ماڻهو مهانگيون شيون خريد ڪري پنهنجو وقت بچائي پنهنجن ٻين ڪمن ۾ لڳائي ٻيڻو ڪمائي ويندا آهن .جڏهن ته پيسي کان وڌيڪ اسان جو وقت قيمتي آهي.

هِڪ ڳالهه ذهن ۾ رکو، وقت پيسو ڪمائيندو آهي، پيسو وقتُ نٿو ڪمائي سگهي، اسان جي پهرين ترجيح وقت هُجڻ گهرجي، نه ڪي پيسو. ڪم عِلم ماڻهو پاڻ کي وقت جي سانچي ۾ فِٽُ ڪندي محتاجي محسوس ڪندو آهي، جڏهن ته سمجهدار ماڻهو وقت جي سانچي ۾ فِٽُ ٿي ڪامياب ٿي ويندو آهي. وقتُ ڪنهن جو تابع ناهي بڻبو، ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو، ڪنهن جي پويان ناهي هلندو .وقت جو تابع بڻجڻو پوندو آهي، وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي، وقت جي پويان هلڻو پوندو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي وقت جو قدر ڪندا آهن، وقتُ اُنهن کي فرِشَ کان عرِشَ تي پھچائي ڇڏيندو آهي.

موجوده وقت ۾ اسان جي نوجوانن ۾ هڪ پاسي سُستي ڪاهلي وڌي آهي ته ٻئي پاسي پنهنجي وقت جو اجايو ذيانُ ڪرڻ جي خراب عادت به. وقت جي بهتر استعمال جي ڄاڻ عادت به جيڪڏھن وقت تي نه ملي سگهي ته گهڻو نقصان ٿيندو آهي. گهڻا ماڻهو وقت وڃائي پڇتائيندا آهن. جنهن وقتَ ۾ کين محنت مشقت ڪرڻ کپندي آهي، اُن وقت ۾ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت محسوس ناهن ڪندا. انهن لاءِ اِهو محاورو آهي ته، “اوهان کي وقت سمجهائيندو!” يعني وقت تي ڪم نه ڪندڙ وٽ فقط پڇتاءُ بچندو آهي، ۽ اِهو طئي آهي ته وقت جي ذيان ڪندڙ کي پڇتاءُ جي احساس مان ضرور گذرڻو آهي .صبح جي سج جي پهرئين ڪرڻي ڪرڻ کان وٺي رات جو ننڊ جي آغوش ۾ وڃڻ تائين اسان جو هڪ ھڪ سيڪنڊ وڏو قيمتي آهي. جڏهن وقت گذري وڃي ته ڪنهن به قيمت تي اسان هڪ سيڪنڊ کي به خريد نٿا ڪري سگهون، پر جڏھن وقت آهي ته ان کي فضول ڪمن ۾ ذيان ڪندا آهيون ۽ اُلڪو به ناهي ٿيندو ته اسان جو قيمتي وقت اجايو ضايع ٿي رهيو آهي.

ٻيو پاسو آهي وقت جي بهتر استعمال جو. ھر ماڻهو مختلف ڪمن ڪارين ۾، رشتن ۾ ذميوارين ۾، مختلف حصن ۾ ورهايل هوندو آهي، چاهي اُهو ٻار هجي، جوان هجي يا پوڙهو هجي .اسان کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ هئڻ گهرجي ته روزانو اسان کي ڪيترو وقت ڪٿي ڪيئن خرچ ڪرڻو آهي. وقت کي ذيان ٿيڻ کان بچائڻ جو بهترين طريقو آهي پنهنجي روزانو جي ڪمن جي لسٽ ٺاهي پنهنجي کيسي ۾ رکو (موبائيل ۾ رکو). پنهنجو ڪجھ وقت ڪاروبار کي، ڪجھ گهر ٻارن کي ۽ ڪجهه پنهنجي ذات کي ڏيو. ڪوشش ڪريو ته ڪاروبار جو وقت صرف ڪاروبار کي ڏيو، ان دوران ڪا ٻي مشغولي نه ڪريو. ڪاروبار جي وقت ۾ پنهنجو ذهن فقط ۽ فقط پنهنجي ڪم تي لڳايو. ان دوران بنا ڪاروباري سلسلي جي موبائيل فون تي يا روبرو ڊگهيون يا غير ضروري ڪچهريون نه ڪريو. پنهنجي وقت جو ٻيو حصو پنهنجي فئملي کي ڏيو. انهن وٽ ويهو، ڪچهريون ڪريو. انهن جي مصروفيتن، مسئلن، ضرورتن تي ڳالهايو. انهن سان گهمو ڦرو.

ان کان پوءِ وقت جو ٽيون حصو پنهنجي ذات لاءِ ضرور ڪڍو، جنهن ۾ پنهنجي پسند جو کاڌو کائو، پنهنجي پسند جي جڳھين تي وڃو، دوستن سان ملو، ڪچهريون ڪريو، سير تفريح ڪريو، پنهنجي پاڻ لاءِ وقت نه ڪڍندڙ ماڻهو مشين بڻجي رھجي ويندا آهن. زندگي انهن کي جلد ٿڪائي ڇڏيندي آهي، ۽ ٿڪي پوندڙ ماڻهوءَ مان ڪامياب بڻجڻ جو چاھُ گهٽجي ويندو آهي .روزانو اسان کي اهو ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته اسان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون ڇا اِهو وقت جو ذيانُ ته ڪونهي! مثال طور: منهنجي اڄ موڪل هئي، موڪل واري ڏينهن مون کي گهر جو سيڌو سامان وٺڻو هو ۽ آئون فلم ڏسڻ ويهي رهيس، يا مون کي دوستن ڏانهن وڃڻو هو، آئون موبائيل جي غير ضروري استعمال تي ويهي رهيس. مون کي ٺيڪ 8 وڳي ڪٿي پھچڻو هو پر آئون گهٽيءَ ۾ ڪنهن وٽ اجائي ڪچهريءَ ۾ بيهي رهيس. اسان جي زندگي جو خاص حصو اهو سوچيندي گذري ويندو آهي ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي .سدائين سرگرم نظر ايندڙ ماڻهو کي معاشري ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. سست ۽ ڪاهل ماڻهو پنهنجي فئملي ۾ به ناپسند ڪيو ويندو آهي، ڀلي اُهو ڪيڏي به قابل ماڻهوءَ جو اولاد ڇو نه هجي.

جڏهن به ڪنهن به ڪم ڳالهه جي شروعات ڪريو ته ان وقت به بار بار سوچيو ته ڇا اوهان ان ڪم دوران پنهنجو وقت ته ضايع ڪونه ڪري رهيا آهيو! ڀلي اُهو ڪو معمولي ڪم ئي ڇو نه هجي يا معمولي وقت ئي ڇو نه خرچ ٿي رهيو هجي، ڇو ته اوهان جو هڪ هڪ سيڪنڊ قيمتي آهي ۽ وقت سان گڏ اوهان جي ذهني جسماني توانائي ضايع ٿي رهي آهي. جڏهن به ڪو ڪم ڪريو ته تصور ۾ رکو ته اوهان جي زندگي جو ڪتاب لکجي رهيو آهي يا اوهان جي زندگي تي فلم ٺهي رهي آهي، جيڪا رڪارڊ تي رکي ويندي. ڀلي اوهان ڪا مشهور هستي ناهيو، ڪي سياستدان، بزنس مين ناهيو، هڪ عام ماڻهو آهيو، پوءِ به  اوهان جي زندگي جو ڪتاب اوهان جي ڪئين نسلن لاءِ سبق آهي. اوهان جا ايندڙ نسل اوهان جي زندگي جي طور طريقن مان سکندا، سبق پرائيندا ۽ اوهان جي طرز عمل تي هلندا. اِهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ نسل در نسل هڪ سوچ هلندي اچي ۽ دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ علم دير سان پهتو، شعور دير سان پهتو، جديد ٽيڪنالاجي دير سان پهتي، جو اسان وقت سان گڏ هلڻ ڪونه سکيو، پنهنجي وقت جو قدر ڪرڻ ڪونه سکيو، پنهنجون صلاحيتون، پنهنجون قابليتون، پنهنجو ٽيلنٽ اجاين شين ۾ ضايع ڪيو ۽ پوءِ ذهني توڻي جسماني غلامي جا ڳٽ ڳچين ۾ وجهي روئندا رهياسين.

وقت کي بهتر نموني استعمال ڪرڻ وقت تي کاڌو کائڻ، وقت تي سمھڻ، وقت تي اٿڻ، وقت تي گهمڻ ڦرڻ، وقت تي ٻاهر جا ڪم ڪرڻ، پاڻ کي، پنهنجي زندگي کي ترتيب ڏيڻ ڪاميابي جي پهرين چاڙهي آهي. جيڪڏھن اوهان وٽ پنهنجي وقت جو قدر آهي ته اوهان کي ڪامياب بڻجڻ کان ڪير نٿو روڪي سگهي. پنهنجي وقت کي منفي ڪمن ۾ ضايع نه ڪريو. جيڪي ماڻهو يا شيون اوهان جي ذهني جسماني سگھ کي ضايع ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون، انهن کي گهڻو وقت نه ڏيو يا انهن متعلق گهڻو نه سوچيو. زندگي جي ضروريات کي ضرورت مطابق وقت ڏيو، وقت آڱرين جي وٿين مان واري وانگي وهندو ويندو آهي، پنهنجي پل پل جي قيمت اوهان پاڻ ادا ڪري سگهو ٿا. وقت جي ذيان جو نفعو نقصان اوهان جي ئي ذات کي رسندو آهي .پنهنجي الڳ سڃاڻپ پنهنجي ذات سان ٺاهيو، ٻين طرفان مليل شهرت، دولت، عزت وقت جي لهر لوڙهي ويندي آهي. پاڻ پنهنجو مقام ٺاهڻ وارا ذهن ڪاميابي ڏانهن ويندڙ هر چاڙهيءَ جو تعين وقت تي ڪرڻ جو شعور رکندا آهن !!