‘ترقي پسنديت’ فلسفو

0
297
‘ترقي پسنديت’ فلسفو

تعارف:

 ترقي پسنديت (Progressivism) فلسفو روايتي ۽ فرسوده سوچن، نظامن، قدرن، روين ۽ عملن کان بغاوت ۽ اڻ ڌرين مشاھدن، تجربن ۽ انھن جي بنياد تي نئين ۽ بھتر سوچن، نظامن، قدرن، روين ۽ عملن کي ترجيح ڏيندڙ فلسفو آھي. ھي ابتدائي طور تي آمريڪا ۾ اوڻيھين صديءَ جي آخر ۽ ويھين صديءَ جي شروع (1890- 1920ع) دوران ھڪ سياسي ۽ سماجي تحريڪ طور اڀريو. ھن تحريڪ جو بنيادي مقصد صنعتي انقلاب دوران معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ سرمائيدار ۽ مزدور طبقن جي وچ ۾ سماجي، معاشي ۽ سياسي تفريق ۽ عدم توازن جو خاتمو ھو، يعني طبقاتي انصاف ۽ برابري ھن جا اھم مقصد ھئا. ھتي اسان معاشري کي ھن جهنهجهوڙيندڙ ۽ تبديل ڪندڙ فلسفي جي ابتدا، حامين، تاريخي پسمنظر، اھم نڪتن، تنقيد ۽ نتيجي بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

باني ۽ حامي:

                 ترقي پسنديت کي ڪنھن ھڪ فيلسوف يا ڏاھي جي جاکوڙ تائين محدود نه ٿو ڪري سگهجي پر پوءِ به آمريڪا جي تناظر ۾ ان جي ابتدائي بنياد رکندڙن ۽ پيروڪارن ۾ ميڊم جين ايڊمس Jane Addams، آمريڪا جي صدرن ٿيوڊور روزويلٽ، ووڊرو ولسن، آمريڪي ڪانگريس جو نمائندو ۽ گورنر رابرٽ ايم لا فوليٽ، آمريڪا جو مشھور ناول نگار اپٽون سنڪليئر ۽ ٻيا رھيا آھن. ھن جي حامين جو ھن ڳالهه تي اتفاق رھيو آھي ته سماج ۾ مثبت تبديلي فقط سياسي ۽ سماجي اصلاحات وسيلي آڻي سگهجي ٿي. ترقي پسند اھا گهر ڪندا رھن ٿا ته وقت جي سرڪار ۽ حڪومت کي سرمائيدارن جي مذموم مقصدن جي خلاف ۽ نظرانداز ٿيل طبقن ۽ اقليتن جي انصاف ۽ برابري لاءِ ٺوس ۽ مضبوط قدم کڻڻ گهرجن.

تاريخي پسمنظر:

ترقي پسنديت جي تحريڪ آمريڪا ۾ اوڻيھين صديءَ جي آخري ڏھاڪي (1890ع) ۾ صنعتي انقلاب دوران شھري علائقن ۾ وڌندڙ صنعتن ۽ مشينن جي رجحان سبب پيدا ٿيندڙ سماجي، معاشي ۽ سياسي اڻبرابري جي رد عمل طور اڀري. ان دور ۾ ٻھراڙين جا ھاري ۽ شھرن جا مزدور سياسي ۽ سماجي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويا، ڇو ته ريل جا رستا ۽ سھولتون ٻھراڙين تائين ميسر نه ھئا، سينيٽر سڌي ريت چونڊيا نه ويندا ھئا ۽ صنعتڪارن تي باقاعده ۽ مناسب ٽيڪس لاڳو نه ھو ۽ نه وري شھري صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حالت بھتر ھئي. انهن سببن جي ڪري ان وقت جا سڄاڻ ڏاھا اھا ڳالھ ڀلي ڀت محسوس ڪري رھيا ھئا ته ڳوٺن ۽ ٻھراڙي جي زندگي ۽ علائقا سوڙھا ٿي رھيا  ھئا،

شھري ۽ صنعتي علائقا ۽ زندگي تيزي سان وڌي رھيا  ھئا، ۽ ناڻي ۽ منافعي جو ڳچ حصو صنعت سازي ۽ مشيني دور جي سرمائيدارن جي ننڍي ٽولي جي چند ھٿن ۾ گڏ ٿي رھيو ھو، جڏھن ته صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي زندگي صنعتن تائين ۽ مانيءَ جي ٻن ويلن تائين محدود بڻجي چڪي ھئي. ان ڪري ترقي پسندن تيزي سان وڌندڙ شھري آبادي يعني ٻھراڙين کان شھرن طرف ماڻهن جي تيزي سان لڏپلاڻ ڪرڻ، شھرن ۽ صنعتي علائقن ۾ مزدورن کي وڌيڪ مشقت جي بدلي ۾ گهٽ اجرت ملڻ، مزدورن جي محنت سان جوڙيل سرمائي جو تمام وڏو حصو چند صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن جي ھٿن ۾ لاڳيتو گڏ ٿيندو رھڻ جھڙين سماجي اڻبرابرين ۽ نا انصافين کي ٻنجو ڏيڻ ۽ ھڪ بھتر سماج جي قيام لاءِ ترقي پسنديت تحريڪ جو آغاز ڪيو، جيڪا آمريڪا ۾ اوڻيھين صدي جي آخري ڏھاڪي کان ويھين صدي جي ٻئين ڏھاڪي (1890- 1920ع) تائين جاري رھي.

مٿئين عرصي دوران ھن فلسفيانه تحريڪ جي نتيجي ۾ مزدورن جي حقن، عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ نا انصافين، ٻارن ۽ معصومن جي جبري پورھئي بابت اصلاحات عمل ۾ آيا؛ جھڙوڪ شيرمين (Sherman) ۽ ڪليٽن (Clayton)  جا اينٽي ٽرسٽ ايڪٽس 1890 ۽ 1914، خالص کاڌي ۽ دوائن جو ايڪٽ (Pure Food and Drug Act)، صارفين جي تحفظ (consumer protection) ۽ وفاقي انتظامي ايجنسين (federal regulatory agencies) جو قيام عمل ۾ آيا. ان کانسواءِ مزدورن جي ڪم واري جاءِ تي زندگيءَ جي حفاظت ۽ حفظان صحت جي اصولن تي عمل، سندن ٻارن جي صحت، تعليم ۽ تفريح لاءِ جوڳا بندوبست ڪرڻ وغيرہ ھن تحريڪ جا نتيجا ھئا.

موجوده دور جي جيڪڏھن ڳالھ ڪجي ته معاشري جي اقليتي ۽ نظرانداز ٿيل طبقن جھڙوڪ صفائي سٺائي سان واسطو رکندڙ ھيٺئين درجي جي ملازمن ۽ مختلف جنس رکندڙ فردن LGBTQ (ليسبين يا عورت ھمجنس پسند، ‘گي’ Gay يا مرد ھمجنس-پسند، باءِ سيڪسيوئل يا ٻٽي جنس وارا، ٽرانسجينڊر يا نامڪمل مرد/عورت؛ ڪئير  Queer يا ھن قسم جي سڀني ماڻهن لاءِ ھي لفظ استعمال ٿيندو ھو پر ان جي ناڪاري معنيٰ جي ڪري ھاڻي گهڻو ڪري استعمال نه ٿو ٿئي) جي برابر انساني حقن بابت آواز اٿارڻ ۽ قانونسازي جو سھرو ھن فلسفي ڏانھن وڃي ٿو. ان کان سواءِ توڙي جو رنگ جي بنياد يعني اڇي ڪاري جو فرق گهٽ ٿي چڪو آھي پر اھو مسئلو اڃا تائين توجھ طلب آھي، پڻ ھن جي حامين سان واسطو رکي ٿو.

ترقي پسنديت جا اھم تصور ۽ اصول:

ھي فلسفو ۽ نظريو ڪيترن ئي اھم تصورن ۽ اصولن تي ٻڌل آھي، جن مان اھم ترين ھي آھن:

سماجي انصاف ۽ برابري: ترقي پسند سماج ۾ شفافيت، برابري ۽ انصاف کي سماجي ترقي جا بنيادي گڻ سمجهن ٿا، ان ڪري اھي لساني، قبائلي ۽ صنفي فرق ۽ برتري کي ختم ڪرڻ جا خواهان آھن. ھر ڪنھن، خاص طور تي اقليتي ۽ ڏتڙيل طبقن، لاءِ سماجي برابري ۽ ھڪجھڙو انصاف سندن بنيادي گھرون آھن.

سرڪاري مداخلت ۽ سماجي ڀلائي: ترقي پسند ھن خيال جا شديد حامي آھن ته حڪومتن کي گهرجي ته اھي سماجي مسئلن جي حل لاءِ ترت اپاءَ وٺن. ان جو مطلب اھو آھي ته صنعتن مٿان حڪومت جي ڪڙي نگراني ھجي يعني صنعتڪارن کي من ماني ۽ ھڪ ھٽي ڪرڻ بلڪل نه ڏني وڃي؛ انهن جي ھر عمل لاءِ مناسب ۽ واضح قانون سازي ٿيل ھجڻ گهرجي. مزدورن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ گهرجي. مزدورن کي درڪار بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائجي ۽ انهن جي صحت ۽ تندرستي کي اولين حق طور تسليم ڪرڻ گهرجي. ٻين لفظن ۾ ھي نظريو ملازمن ۽ مزدورن ۽ انهن جي ٻارن ۽ گهر ڀاتين جي رھائش، صحت، تعليم، تفريح ۽ ڀرپور معاشرتي زندگي جا جوڳا موقعا فراھم ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.

سياسي اصلاحات ۽ سماجي سرگرمي: ھي فلسفو ادارن ۽ صنعتن ۾ ملازمن ۽ مزدورن کي پنھنجن حقن، سماجي تبديلي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انهن جي حاصلات لاءِ توڙي طاقتور ڌرين جي ظاھر ۽ لڪل استحصالي ھٿڪنڊن خلاف جاکوڙڻ ۽ صنعت اندر توڙي ان کان ٻاھر سماجي تنظيم سازي ڪرڻ، اھڙين تحريڪن جو بنياد وجهڻ يا انھن جو حصو بڻجڻ جو اتساھيندڙ آھي.

عمل پسنديت جو رجحان: ھن جا حامي خالص نظرياتي ۽ خيالي دنيا جي بحث مباحثن بدران مشاھداتي ثبوتن ۽ نتيجا ڏيندڙ عملن يعني سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل تي وڌيڪ ڀاڙيندڙ آھن ته جيئن معاشري ۾ حقيقي تبديلي ۽ ترقي چٽي نموني ظاھر ٿئي ۽ ھر ڪنھن کي نظر اچي.

تنقيد:

ترقي پسنديت کي ڪيترن ئي پھلوئن کان تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آھي. اڪثر تنقيد نگارن جو خيال آھي ته حڪومت جي ھر  ڳالھ ۽ ھر شعبي تي غير ضروري مداخلت معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿي، خانگي شعبي اندر خطرن سان کيڏندڙ ۽ پنھنجي موڙي کي جديد شعبن ۾ سيڙائيندڙ نوجوانن کي دل شڪستو ڪري ٿي ۽ انفرادي آزادي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي. ٻيو ته ان سان آزاد ۽ مقابلي واري مارڪيٽ جي فروغ جو امڪان نه ھوندو آھي. ان کان سواءِ ھر شعبي ۾ سرڪاري مداخلت اشرافيا يا آفيسر شاھي ۾ ڳاڙھي ڦيتي جو رجحان يا جائز ڪم کان ھروڀرو ٽال مٽول جو سبب بڻجي سرڪاري ادارن ۾ ڪاھلي ۽ نا اھلي کي ھٿي ڏئي ٿي. ڪجھ نقاد اھو پڻ شڪ ڏيکاريندا آھن ته ترقي پسند مخصوص نظرين ۽ عقيدن جي حمايت يا مخالفت ۾ غير متوقع نتيجن جي دور انديشي کان ڀٽڪيل رھندا آھن. بنياد پرست وري ھن فلسفي کي روايتي قدرن ۽ مذھبن لاءِ خطري جي گهنٽي ڀانئيندا آھن. اھي ھر ڳالهه حڪومت جي کاتي ۾ رکڻ کي ذاتي خود انحصاري ۽ انفرادي صلاحيتن جي فروغ لاءِ ھاڃيڪار تصور ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ترقي پسند پاڻ کاٻي ڌر جا سڏائڻ پسند ڪندا آھن پر ڪجھ کاٻي ڌر جا نقاد ان ڏانھن پڻ اشارو ڪن ٿا ته ترقي پسنديت سماج جي بناوٽي اڻبرابرين کي اوترو نه ٿي للڪاري، جيترو للڪارڻ گهرجي، ان ڪري اھي روايتي ترقي پسندن کي سرمائيدارن جو آلاءڪار سمجهندا آھن.

نتيجو:

ترقي پسنديت (Progressivism) فلسفو روايتي، گسيل ۽ فرسوده سوچن، نظامن، قدرن، روين ۽ عملن کان بغاوت ۽ اڻ ڌرين مشاھدن، تجربن ۽ انھن جي بنياد تي نئين ۽ بھتر سوچن، نظامن، قدرن، روين ۽ عملن کي ترجيح ڏيندڙ فلسفو آھي. صنعتي انقلاب جي ڪري پيدا ٿيندڙ مزدورن، ڪمزورن ۽ ڏتڙيل طبقن جي ڪمزور سماجي، معاشي ۽ سياسي صورتحال جي تناظر ۾ ويھين صدي ۾ عروج تي پهچندڙ ترقي پسنديت جديد معاشري جي تشڪيل ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ اڄ تائين سياسي ۽ سماجي بحث مباحثن ۾ ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رھيو آھي. ھن جو سماجي انصاف، ڏتڙيل طبقن سان برابري تي زور، واپار ۽ بزنس تي سرڪاري مداخلت ۽ جمهوريت کي ھٿي ڏيڻ جھڙن تصورن، روين ۽ جدوجھدن جي ڪري مزدورن، ڏتڙيلن ۽ مظلومن جي ڀلائي ۽ بھتر سماجي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ جديد فلاحي رياستن جو قيام عمل ۾ آيو آھي.

ٻئي پاسي جتي جمهوريتون مضبوط نه آھن ۽ حڪمران بدعنوان آھن، اتي ھر معاملي ۾ حڪومتي مداخلت ۽ قانونسازي سرڪاري ادارن ۾ ڳاڙھي ڦيتي يعني ڪاھلي ۽ نا اھلي کي ھٿي ڏني آھي. پر اھو طئي آھي ته ترقي پسنديت جو فلسفو ڌرتيءَ تي ايستائين موجود ۽ اثرائتو رھندو، جيستائين سماج جي مختلف طبقن سان ناانصافي، اڻبرابري ۽ استحصال جاري رھندو.