وفاقي سرڪار طرفان ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو وري رينگٽ

0
236
منڇر ڍنڍ جي بند کي مضبوط ڪرڻ ۽ رستن کي وڌيڪ کولڻ جي ضرورت

   ڪجهه وقت ٿيو جڏهن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو رينگٽ ذري گهٽ ختم ٿي ويو هو، پر وري ڪن سياسي مجبورين ڪري اهو رينگٽ شروع ٿي ويو آهي، هن دفعي وزيراعظم پاڪستان عمران خان اها ڳالهه ڪئي آهي ته اهو ڊيم ٺهڻ کپي، جڏهن ته هن جو پهرين موقف اهو ته جيستائين سنڌ راضي ٿئي اهو ڊيم نه ٺهڻ کپي. هاڻي هو چوي ٿو ته جيڪڏهن سنڌي ڀائرن کي قائل نه ڪيو ويو ته ملڪ دشمن قوتون انهن کي استعمال ڪنديون، پاڪستان کي ڊيمن جي ضرورت آهي، اهو ڊيم هن جي تڪ ميانوالي ۾ ٺهندو. ملڪ ۾ پاڻي فراهمي مسئلو آهي، مرڪز جي ذميواري آهي ته صوبن کي گڏ کڻي هلجي جيڪڏهن ڊيم ٺهندا ته پاڻي ذخيرا وڌندا، زرعي زمينون آهن پر انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، بلوچستان ۾ لکين اڪيڙ زرعي زمين پيل آهي پر پاڻي ناهي، ٿر ۾ به زرعي زمين پيل آهي پر پاڻي ڪونهي، ڊيمن ٺهڻ  سان 35 هزار ماڻهن کي روزگار ملندو، هن وڌيڪ هيٺين ڳالهين تي زور ڏنو :

ڊيم ٺهڻ ڪري  اسان وٽ بجلي پيدا ٿيندي، اسان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان تيل گهرايون ٿا، پر تيل جون قيمتون هر سال وڌن ٿيون، جنهن ڪري پاڪستان ۾ ناڻو ٻين  ڪمن لاءِ نٿو بچي.

ڊيم ٺهڻ ڪري بجلي سستي ملندي

ڊيم ٺهڻ ڪري نقصان نه ٿيندو بلڪه فائدو ٿيندو

ڊيم ٺهڻ ڪري مهانگائي کي منهن ڏئي سگهبو

 ڊيم ٺهڻ ڪري زرعي زمين کي پاڻي ملندو،

پاڪستان جي آدمشماري هر سال وڌي رهي آهي ۽ انهي لاءِ زرعي زمين استعمال ٿي سگهي ٿي  تنهن ڪري کاڌ خوراڪ پيدا ڪرڻ ضروري آهي.

وفاقي پاڻي واري وزير مونس الاهي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اسا نکي پاڻي جي ضرورت آهي .

ڊيمن ٺاهڻ ڪري موسمي ڦيرگهيرکي به منهن ڏئي سگهبو.

موجود ڊيمن ۾ لٽ گڏ ٿيڻ  سبب انهن مان لٽ ڪڍڻ جي گهرج آهي جنهن ڪري انهن جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش گهٽجي رهي آهي،

تنهن کانپوءِ وڏن ڊيمن جي صدر مائيڪل روجز جو چوڻ هو ته ديا مير ڀاشا ڊيم دنيا ۾ آر سي سي جو سڀني کان وڏو اسٽرڪچر  هوندو جنهن مان 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو ۽ 18100 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي.

ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ماڻهن هن ريت ڳالهيون ڪيون:

بلاول ڀٽو صاحب چيو ته ڪالا باغ ڊيم جا شوشا ڇڏيندڙ شڪست کائيندا.

صوبائي وزير نثار کهڙي صاحب چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻو ئي ناهي، منافقت لاءِ بيان ڏنا ٿا وڃن

جهيڙو ڇا  تي آهي؟

ٻن ڳالهين ڪري سنڌ وارا ڪالا باغ ڊيم جي  مخالفت ڪن ٿا

ڪالاباغ پنجاب ۾ ٺاهيو ويندو، هو  ڊيم جي ريگوليشن ۾ گڙٻڙ ڪندا ته جيئن وڌيڪ پاڻي کڻي سگهن.

ان مان ٻه واهه ڪڍيا ويندا جن مان هر هڪ جي گنجائش 4 ملين ايڪڙ فوٽ هوندي، جڏهن هر ڪنهن صوبي جو حصو پاڻي ٺاهه مطابق هيٺين ريت آهي .

پنجاب 37 سيڪڙو

سنڌ 37 سيڪڙو

خيبرپختونخوا 14 سيڪڙو

بلوچستان 12 سيڪڙو

100

جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش آهي 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ. انهي مطابق سنڌ کي ملندو 2.26 ملين ايڪڙ فوٽ. پنجاب کي ملندو 2.26 ملين فوٽ، خيبرپختونخوا کي ملندو 0.854 ملين ايڪڙ فوٽ، بلوچستان کي ملندو 0.732 ملين ايڪڙ فوٽ. ٻه واهه جيڪي نڪرندا پنجاب ۾ ۽ خيبرپختونخوا صوبن ۾ انهن جي هر ڪنهن جو حصو ٿئي ٿو (4+0.854) يعني 4.854 ملين ايڪڙ فوٽ ۽( 0.732 4+) يعني 4.732 ملين ايڪڙ فوٽ پر انهن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۽ سنڌ جو 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ مان ٿئي ٿو، 2.26 ملين ايڪڙ فوٽ. پوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ته وڌيڪ پاڻي کڻندا ۽ سنڌ ۽ بلوچستان کي گهٽ پاڻي ملندو، اهو انصاف ته نه ٿيو؟

وري اچو خيبرپختونخوا تي انهن جو نوشهرو شهر ٻڏندو ۽ انهن جا Drainage منصوبا متاثر ٿيندا جن کيScrap چيو وڃي ٿو

معنيٰ ڪالا باغ نه ٺهڻ کپي:

ڪالا باغ ٺاهڻ جا نقصان:

مٿي ٻڌايل نقصان کان علاوه ٻيون هيٺيون ڳالهيون به اهم آهن،

ڊيم ٺهڻ ڪري سنڌ جو پاڻي گهٽبو جنهن ڪري ڊيلٽا کي صحيح پاڻي نه ملي سگهندو هڪڙي پاڻي ماهرن رپورٽ ڏني آهي ته سنڌ کي ڪوٽري کان هيٺ هر ڏينهن 5000 ڪيوسڪ پاڻي کپي ۽ پنجن سالن ۾ 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کپي، انهن ٻنهي کي ملائي هر سال  8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٿئي ٿو، اهو پاڻي به هر سال ملي نه سگهندو.

تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ ذخيرو ڪرڻ لاءِ  ايترو پاڻي ڪونهي ته ڪالاباغ ڊيم هر سال ڀرجي سگهي، جڏهن ڊيم هر سال نه ڀري سگهبو ته اهو  ڇو ٺاهيو وڃي؟

ڪالاباغ ٺهڻ ڪري سنڌ کي گهٽ پاڻي ملندو ۽ سنڌ سڪندي ڇا اڳي ئي آباد ٿيندڙ زمين کي سڪائڻ صحيح آهي يا نيون زمينون آباد ڪرڻ.

 مٿين سڀني اعتراضن ڪري ڪالا باغ ڊيم  نٿو ٺهي سگهي تنهن ڪري اهو نه ٺاهڻ کپي.