هل چري ! يارن سان ڪهڙا ليکا!

0
290
قِصو هيلوڪي مِينهَن ۽ رول ٻِليءَ جو!

هل ڙي! عمران نيازي تنهنجي حڪومت! ٽماٽا ويهه روپيا ڪلو مان چڙهي وڃي 200 روپيا ڪلو تي پهتا. مون ٽماٽا وٺڻ ڇڏي ڏنا ۽ گدامڙي جو ڪلو آڻي گهر ۾ رکيو. وري اوچتو پيٽرول مهانگو ٿي 160 روپيا ليٽر ٿي ويو. هڪ پيٽرول مهانگو ٿي ويو. ٻيو وري پمپن جي ميٽرن ۾ به طريقو نمبر 13 لڳل يعني گاڏي ۾ منو ليٽر پوندو ته ميٽر سڄو ليٽر ٻڌائيندو. مون موٽرسائيڪل ۾ سڄي سئو جو پيٽرول وجهرايو. فرلانگ کن جي پنڌ تي رئيس گلڻ خان گول باڊي جو ڪمند بيٺل هو ان ۾ تپيدار کي ڍل ڏيئي موٽيس ته موٽرسائيڪل جي انجڻ وڃان وڃان وارو ڪلام ڳائڻ لڳي، خبر پئي ته خيرن جو تيل ختم ٿي ويو ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويم. ٽي وي کوليم وفاقي وزير شبلي فراز صاحب پئي فرمايو ته پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي ته خير آهي پيٽرول گهٽ استعمال ڪريو توهان گاڏين جي بجاءِ اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سفر ڪريو اهي به ڪو نه اٿو ته بڪين کي تيل هڻي پنڌ ڇڪيو. سوچيم عمران نيازي جي ڪابينا ۾ به ڪيئي خالي دماغ همراهه ويٺا آهن.

آئون تيل جي مهانگي ٿيڻ لاءِ ڏاڍو فڪرمند هئس. جيسين تيل سستو ٿئي تيسين شبلي فراز جي صلاح تي عمل ڪندي مون موٽرسائيڪل کي پني ۾ ويڙهي کڏ کوٽي ان ۾ ايئن دفن ڪري ڇڏيو جيئن  دهشتگرد خطرناڪ هٿيار پوري ڇڏيندا هئا. وري “پنهنجي اخبار”۾ هڪ خبر پڙهيم ته لاکا روڊ جي هڪ آبادگار صالح ڏاهري ٻوٽن مان ڊيزل ڪڍي انجڻ هلائي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اها خبر پڙهي منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو. مون کي منهنجو يار دلدار، قلم ڪار، مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، وڪيل بار ۽ ڪالم نگار سليمان ڏاهري ياد اچي ويو. مون کيس فون ڪري چيو ته سنڌي سماج ۾ راجا ڏاهر جي دشمني ۾ هروڀرو ڏاهرين کي گهٽ عقل چيو ٿو وڃي جڏهن ته ڏاهرين ۾ ڪيئي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، پروفيسر، اديب، شاعر ۽ اعليٰ درجي جا ڪامورا آهن پر توهان کي مبارڪ هجي جو توهان ۾ صالح ڏاهري عظيم سائنسدان پيدا ٿيو آهي جنهن ٻوٽن مان ڊيزل ڪڍي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

سليمان ڏاهري اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو انهي خوشي ۾ مون ڏانهن هڪ زبردست تحفو موڪلڻ جو اعلان ڪيائين.  ٽي سي ايس سروس وارو ڳاڙها ڪپڙا پائي اچي در تي پهتو. آئون خوش ٿيس ته پڪ سان منهنجي يار سليمان ڏاهري مون ڏانهن بامبي بيڪري جو ڪيڪ، پيزا، لونگي يا بوسڪي جو وڳو موڪليو هوندو. پارسل کوليم ته ڪلو صوفي ٻير نڪتا. مٿان وري سندس فون آيو چيائين ادا طوطن پيءُ! تو اسان کي عقلمند قرار ڏنو آهي ان خوشي ۾ زبردست تحفو موڪليو اٿم چيومانس ها ادا بروبر! 60 روپين واري ڪلو ٻير موڪلڻ تي 400 روپيا ٽي سي ايس جو خرچ ڪيو اٿئي ان کان وڌيڪ عقل جو ٻيو ڪو ثبوت ئي ڪونهي! اهو ٻڌي هن وڏو ٽهڪ ڏنو چيائين يار! محبتن ۾ ڪو حساب ئي ڪونهي ٿيندو بسن جي پٺيان لکيل هوندو آهي هل چري يارن سان ڪهڙا ليکا! پوءِ مون کيس عرض ڪيوته اهي ڊيزل وارا ٻوٽا وٺڻ لاءِ تو واري مائٽ آبادگار صالح ڏاهري کي منهنجي سفارش ڪر ته اهي ٻوٽا کانئس وٺي، پوکي انهن مان ڊيزل ڪڍي گذر سفر ڪريان صفا غريب ٿي ويو آهيان! هن چيو پرواهه نه ڪر آئون هينئر ئي کيس فون ڪري تنهنجي پارت ٿو ڪريان! ٻئي ڏينهن لاکا روڊ وڃڻ لاءِ آئون سوير وهنجي سهنجي صفا ماڻهو جو پٽ ٿي پيو هئس پر مسئلو اهو هو ته لاکا روڊ پري هو ۽ آئون هميشه وانگر  ڀاڙي ۾ کٽل هئس.

نيٺ مجبور ٿي مون واري يار دلدار مٺي مهيري وٽ اٺ وٺڻ وڃي پهتس. پهرين ته هن اٺ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون کي انهي پن پنان واري عادت جي ڪري گوڏي جيڏي جٺ ڪئي پوءِ جڏهن ڊيزل وارن ٻوٽن جي ڳالهه ڪيم ته ٺري پيو، ان ڪري جو ڊيزل مهانگو هئڻ ڪري سندس ٽريڪٽر به ايئن دڙي تي بيٺل هو جهڙو گدڙ پيو حاجت پوري ڪري. نيٺ انهي شرط تي راضي ٿيو ته ملندڙ ٻوٽن مان اڌ ٻوٽا پاڻ کڻندو آئون راضي ٿي ويس. اسين ٻئي اٺ تي چڙهي اچي لاکا روڊ پهتاسون پهرين اسان آبادگار صالح ڏاهري کي نئين سائنسي ايجاد تي مبارڪون ڏنيون. پوءِ هن حال احوال ورتا اسان پنهنجي پيٽ جي سور جي ڳالهه ڪئي ته اسان کي ڊيزل پيدا ڪرڻ وارا ٻوٽا کپن ٿا. هن هڪ ٻوٽي جي قيمت هزار روپيا ٻڌائي. اسان ڪتي رکال تي هن کان 10 ٻوٽا گهريا. هن اسان کي اهي ٻوٽا ڏيکاريا جيڪي وونئڻن جهڙا پئي لڳا، اهي ٻوٽا اٺ تي لوڊ ڪري اسين واپس ٿياسين پوءِ اڌ ٻوٽا مٺي مهري کنيا ۽ اڌ مون کنيا. مون ٻوٽا پوکيا انهن کي بليڪ تي ڀاڻ وٺي ڏنو ته ٻوٽا مست ٿي پيا. پوءِ مون پنهنجو موٽرسائيڪل قبر مان ڪڍيو. ڪٻاڙي مارڪيٽ مان هڪ ٽريڪٽر جي ڊيزل واري انجڻ وٺي ان ۾ لڳرائي. پوءِ ٻوٽن جي پنن ۽ ڏانڊين کي جوسر ۾ گهمائي ان مان صالح ڏاهري وارو ڊيزل ڪڍي ٽانڪي ۾ وجهي، چاٻي گهمائي جو ڪڪ هنئي ته انجڻ مان دونهان نڪتا، پسٽن ٻاهر اچي ويا ۽ موٽرسائيڪل کي باهه لڳي وئي. هوڏانهن مٺي مهيري به ساڳيو ڪم ڪيو ته سندس ٽريڪٽر به ڌوڙ ٿي ويو. پوءِ اسان سوچيو ته ٻوٽن مان ڊيزل ڪڍڻ جو ڪو خاص طريقو هوندو جيڪو اسان کي ڪو نه ٿي آيو ان ڪري اسان ٻنهي جون انجڻيون تباهه  برباد ٿي ويون. انهي اسڪيم ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ آئون پريشان ٿي ويس.

گهر ۾ سيڌي سامان جي کوٽ جي ڪري طوطن ماءُ به جونجهاڻي جهيڙا شروع ڪري ڏنا. ٻئي ڏينهن کجو کنڀڙاٽي اچي ٻڌايو ته اڄ وارهه ۾ ڪبوترن جي اڏامڻ جو مقابلو آهي هل ته ڏسي اچون اتي پهتاسين ته ڪبوترن جي خفيتن جا راڄ لٿا پيا هئا. اڏامڻ جو مقابلو شروع ٿيو بازيون لڳيون جيڪي ڪبوتر الاهي دير تائين اڏاميا تن جي مالڪ خفتين کي لکين روپيا بازي جا مليا. پوءِ مون کي به شوق ٿيو ته آئون به اهڙا ڪبوتر وٺان قيمت پڇايم ته هڪ هڪ ڪبوتر لک ڏيڍ جو هو. آئون اٽي ۾ جهليل. نيٺ طريقو نمبر 13 استعمال ڪيم طوطن ماءُ کي ڏاج ۾ مليل اباڻي سوني نٿ پيتي ۾ لڪائي رکيل هئي. رات جو اها چوري ڪري صبح جو سوناري کي وڪڻي انهن پئسن مان پنج ڀلوڙ ڪبوتر وٺي آيس. ڪبوتر ڏسي طوطن ته خوشي ۾ ٺري پيو پر طوطن ماءُ اچي ڪرڪر ڪئي ته اهي مئا وٺون لاهي گهر کي صفا گاڏي کاتو ڪري ڇڏيندا. مون ڪبوترن کي ڇت تي رکيو کين داڻو پاڻي ڏئي کاري هيٺان رکي آئون هيٺ اچي ستس. اها خبر ڪنهن دشمن وڃي رئيس گلڻ خان گول باڊي جي دونس ٻلي کي ٻڌائي،اهو  رات جو  مونواري ڇت تي  آيو.

کارو اٿلائي پنجئي ڪبوتر ماري انهن جو نرم ۽ لذيز گوشت کائي ويو. آئون صبح جو ڪبوترن کي داڻو پاڻي ڏيڻ لاءِ ڇت تي چڙهيس ته ڪاري وارا ڪک هئا. ڪبوترن جا خالي سهڻا کنڀ، چهنبون ۽ چنبا پيل هئا. اهو منظر ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک پهتو. اهي کنڀ اکين تي رکي آئون اچي ٿو زور سان روئان ۽ پار ڪڍان. طوطن ماءُ منهنجون رڙيون ٻڌي مٿي چڙهي آئي تنهن مون کي ڇڙٻيندي چيو بس ڪر مئا! ماڻهو ٿو کلائين! تنهنجا ڪبوتر مئا آهن ڪي باب ڪو نه مئا آهن جو ڦاٽيو ٿو مرين! سندس ڳالهه سچي هئي مون ماٺ ڪئي هيٺ اچي ناشتو پاڻي ڪري مون پنهنجي ڇا پرائي اوطاق ۾ وڃي شهيد ڪبوترن جو تڏو وڇايو. مٽ مائٽ يار دوست همدردي ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا. کنجو کنڀڙاٽي به اچي پهتو تنهن ڪبوترن جي قاتلن جو پڇيو مون نامعلوم ٻڌايو. پوءِ هن پيرو لاشاري مان هڪ پيري کي گهرايو تنهن پير کڻي ٻڌايو ته ٻلو گلڻ خان گول باڊي جو آهي. کنجو کنڀڙاٽي شاطر ماڻهو آهي تنهنجو دماغ گهمي ويو. تنهن ڪبوترن جا لاش گهريا. چيومانس ڪبوتر ته ٻلو کائي ويو باقي انهن جا کنڀ چنبا ۽ چهنبون ڇت تي پيل آهن.

پوءِ هن اها بقاياجات گهرائي ۽ اٽي مان ڪبوتر ٺاهي انهن کي ايلفي سان کنڀ، چنبا ۽ چهنبون اٽڪائي ڪفن ويڙهي، لاش کٽن تي رکيا. پوءِ اسان مئن روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ تمبو لڳائي احتجاج شروع ڪري ڏنو. اسان ڪبوترن جي قاتل  گلڻ خان گول باڊي  کي گرفتار ڪري ڦاسي ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو. ابا روڊ جي ٻنهي پاسي هزارين گاڏيون ڦاسي پيون. ميڊيا وارن اسان جي ڌرڻي کي وڏي ڪوريج ڏني. اسان لاش دفنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ ته گلڻ گول باڊي کي اچي رڦڻي لڳي تنهن پنهنجا ڇاڙتا موڪلي  کنجو کنڀڙاٽي سان خفيه ڳالهه ٻولهه ڪئي. پهرين ته کنجوکنڀڙاٽي مڃي ئي نه پوءِ جڏهن انهن کيس نوٽن جا ٻورا ڏنا ته همراهه راضي ٿي ويو. کنجوکنڀڙاٽي انهن پئسن مان حصو مون کي ڏنو ٻيا پنهنجي ڪڇ ۾ کنيا ڪلاڪ کانپوءِ اسان ڌرڻُو ختم ڪري پنهنجي سهڻن شهيد ڪبوترن کي کڻي وڃي دفن ڪيو. مئن روڊ کلي ويو ٽريفڪ بحال ٿي وئي. امن امان قائم ٿي ويو. پوليس ڪجهه مقامي ٻلا گرفتار ڪري خانه پوري ڪئي. مون کي اهڙي ڪڌي ڪم لاءِ کنجو کنڀڙاٽي تي ڪاوڙ پئي اچي. اهڙن ڪردارن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي.

هي منهن ڏيئي ٻن تون وهه کائي نه مرين،

تان جي ملير ڄائيون توسين سڱ نه ڪن

تون ڪئين منهنجا تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي (شاهه)