وفاقي سرڪار طرفان کنڀيل شهرين جي آزادي لاءِ سموريون ڪوششون ناڪام ٿيڻ جو اعتراف

0
502
وفاقي سرڪار طرفان کنڀيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار طرفان کنڀيل شهرين جي آزادي لاءِ سموريون ڪوششون ناڪام ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو آھي، اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته هڪ ڏهاڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو گُم ٿي ويا، اُهي جبري گمشدگين ۾ نٿا اچن

 اڪثر ماڻهو جهاد لاءِ پاڪستان ڇڏي ويا، ڪجهه کي ڪي پي جي حراستي مرڪزن ۾ رکيو ويو آهي، جبري گُمشدگين جو مسئلو حل ٿئي ته ڀلي وزيراعظم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪريو، مون وٽ اِن کانسواءِ ٻيو ڪوبه جواب ناهي

 پرويز مشرف جو نالو کڻڻ بنا اٽارني جنرل چيو ته مُڪو ڏيکاريندڙ هڪ چيف ايگزيڪيوٽو چيو ته اها پاليسي هئي، ڪتاب لکندڙ لاءِ منهنجي راءِ مختلف آهي، ٽن چونڊيل وزيراعظمن جي اها پاليسي ڪڏهن به ناهي رهي، چونڊيل وزيراعظم سان غاصب چيف ايگزيڪيوٽو جهڙو رويو نه رکيو وڃي

ھي به پڙھندا

رياست پاڻ جبري گمشدگين ۾ ملوث هجي ته جاچ ڪير ڪندو؟ جبري گمشدگين تي اثرائتا قدم کنيا وڃن: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ