رياست پاڻ جبري گمشدگين ۾ ملوث هجي ته جاچ ڪير ڪندو؟ جبري گمشدگين تي اثرائتا قدم کنيا وڃن: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

0
230
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ رياست پاڻ جبري گمشدگين ۾ ملوث هجي ته جاچ ڪير ڪندو؟ عدالت، وڪيل، صحافي يا ڪو ٻيو ته جاچ نٿو ڪري سگهي

عدالت چيو آھي تھ وفاقي راڄڌاني مان 2 گُمشدگيون رياست لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهن، يا وري رياست عدالت ۾ اچِي ٻڌائي ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار کي جبري گمشدگين تي اثرائتا قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، اٽارني جنرل کي قدمن بابت ٽن هفتن ۾ مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

 چيف جسٽس چيو ته هٿياربند فورسز به حڪومت جي مرضي بنا ڪجهه نٿيون ڪري سگهن، جتي عدالتون، وزيراعظم ۽ ايجنسيز آهن، اُتي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، رياست کي ٻن ٻارن جو تحفظ ڪرڻو آهي ۽ رياست ئي جبري لاپتا قرار ڏئي ٿي، اسلام آباد ۾ ڇوٽ آهي ته ٻين شهرن ۾ ڇا ٿيندو هوندو