خبردار: سنڌ سرڪار ماني ۽ نمڪو تي پابندي هڻي ڇڏي

0
402
خبردار: سنڌ سرڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ واري معاملي تي سنڌ حڪومت صوبي جي حدن اندر ڊوميسٽڪ پروازن ۽ مسافر گاڏين ۾ ماني ۽ نمڪو کائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي

گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊوميسٽڪ پروازن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مسافرن کي ماني ۽ نمڪو وغيره ڏيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اين سي او سي جي هدايتن تي اها پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پابندي تي سختي سان عمل ڪرائين، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن