وزيراعظم طرفان ساليانه 200 ارب بچت جو اعلان: ڪابينا ميمبرز، پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندا

0
203
وزيراعظم طرفان ساليانه 200 ارب بچت جو اعلان: ڪابينا ميمبرز، پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندا

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومتي سطح تي بچت جي حوالي سان قدمن جو تفصيلي ذڪر ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، پر اهو معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي، هن اهو به چيو ته توشه خانه جا تفصيل پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، بچت مهم سان ساليانه 200 ارب رپيا بچندا
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، پاڪستان ۾ غريب ماڻهو هميشه قربانيون ڏنيون آهن، زلزلو هجي يا ٻوڏ، غريب عوام تي هميشه قدرتي آفتن جو بار رهيو آهي
هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي نتيجي ۾ جيڪڏهن عام ماڻهو تي بار پوندو ته هو سوال اٿاريندا ته حڪومت ڇا ڪيو آهي؟ اشرافيه جو ٻار بيمار آهي ته فرانس ۾ علاج ڪرائي سگهي ٿو، غريب جي گهر ۾ بيماري اچي ته سڄي خاندان جي ننڊ حرام ٿي وڃي ته ٻار جو علاج ڪيئن ٿيندو؟
وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جو پگهارون نه وٺڻ جو فيصلو
وزيراعظم اعلان ڪيو ته سمورا وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ مملڪتي وزير رضاڪاراڻه طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندا، خاص مددگارن به رضاڪاراڻه طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي
هن چيو ته وزير گئس، پاڻي ۽ بجلي جا بل پنهنجي ذاتي کيسي مان ادا ڪندا، وزيرن کان لگزري گاڏيون واپس وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، سموريون لگزري گاڏيون واپس ورتيون پيون وڃن ۽ ضرورت پئي ته نيلام ڪري ڇڏينداسين
هن چيو ته وزيرن کان اضافي سيڪيورٽي واپس ورتي پئي وڃي، هڪ وزير سان رڳو سيڪيورٽي جي هڪ گاڏي هوندي، وزير پرڏيهي دورن دوران پنهنجو عملو گڏ نه وٺي وڃي سگهندو، جڏهن ته ڪابينا ميمبرن کي پرڏيهي دورن دوران فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهڻ جي اجازت نه هوندو
هن وڌيڪ چيو ته وزيرن تي جون 2024ع تائين لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، ڪابينا جو ڪو به ميمبر يا سرڪاري آفيسر لگزري گاڏي استعمال نه ڪندو، گاڏي الائونس حاصل ڪندڙ اعليٰ آفيسرن کان به سرڪاري گاڏيون واپس ورتيون وينديون
شهباز شريف چيو ته وزير ۽ سرڪاري عملدار بزنس ڪلاس ۾ سفر نه ڪندا، وزير ملڪي توڙي پرڏيهه دورن دوران اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪندا، سفري خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ زوم ڪانفرنس کي هٿي ڏني ويندي
نئون انتظامي يونٽ ٺاهڻ تي پابندي لاڳو
وزير اعظم چيو ته ايندڙ ٻن سالن تائين ڪو به انتظامي يونٽ نه بڻايو ويندو، وفاقي حڪومت اندر ڪو به نئون کاتو نه ٺهندو، سرڪاري ملازمن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ الاٽ نه ڪيا ويندا، وفاق جون سرڪاري ملڪيتون وڪرو ڪيون وينديون، سرڪاري آفيسرن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ الاٽ نه ڪيو ويندو
سرڪاري آفيسون صبح 7:30 وڳي کولڻ جو فيصلو
بچت مهم جي حوالي سان وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بجلي ۽ گيس جي بچت لاءِ اونهاري ۾ صبح 7:30 وڳي سرڪاري آفيسون کوليون وينديون
هن چيو ته وزيراعظم هائوس سميت سمورين وزارتن ۾ ون ڊش پاليسي هوندي پر پرڏيهي مهمانن تي ون ڊش جي پابندي لاڳو نه هوندي، پر اِن ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته قوم جو پئسو ضايع نه ٿئي
توشا خانه جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو اعلان
شهباز شريف توشه خانه جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪابينا ميمبر، سرڪاري آفيسر رڳو 300 ڊالرز جي ماليت جو تحفو رکي سگهندا، يعني 80 هزار پاڪستاني رپين جو تحفو رکي سگهندا، توشه خانه جي تحفن جي ماليت جو اندازو ٿرڊ پارٽي لڳائيندي
هن چيو ته توشه خانه ۾ رڳو سياستدانن کي ڏنل تحفا هوندا آهن، ججن ۽ فوجي آفيسرن کي مليل تحفا توشه خانه جي زمري ۾ نٿا اچن، ان ڪري رڳو سياستدانن کي مليل تحفن جا تفصيل توشه خانه ۾ شامل هوندا
هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان سڀ سپريم ڪورٽ ۽ اعليٰ ججز جو احترام ڪريون ٿا، پر ڪٿي جانبداري جو مظاهرو ٿي رهيو آهي ته اسان اکيون بند نٿا ڪري سگهون، نواز شريف کي پاناما مان اقامه تي سزا ڏياري وئي
هن چيو ته عمران نيازي 300 ڪنال واري گهر جي اجازت بعد ۾ ورتي پر چيف جسٽس عمران نيازي جي گهر کي ريگيولر ڪيو، غريبن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، هي ناانصافي جو عجب مثال آهي
هن چيو ته اهڙا ججز جن جو رويو مسلم ليگ (ن) ڏانهن تعصباڻو آهي، تن آڏو ن ليگ جا ڪيس نه هلايا وڃن

هن کي به پڙهندا

جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات: شاهه محمود، اسد عمر ۽ اعظم سواتي گرفتاري ڏئي ڇڏي