عوام جو احساس آهي ته چوري جو پئسو واپس آڻيو: عمران خان جو وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل

0
197
توشه خانه ڪيس: عمران خان

وزير اعظم شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته اڄ مهانگائي منهنجي حڪومت جي ڀيٽ ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي، وزيراعظم چئي رهيو آهي ته وڌيڪ مهانگائي ٿيندي
عمران خان چيو ته موجوده حڪمرانن پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو دشمن به نه ڪندو
تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته اڄ شهباز شريف قوم کي چئي رهيو آهي ته وڌيڪ مهانگائي لاءِ تيار ٿي وڃو، اسان جڏهن حڪومت ۾ هئاسين ته ڪهڙيون تقريرون ڪندا هئا؟ توهان ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، اوهان جيڪو 10 مهينن ۾ پاڪستان سان ڪيو آهي، ائين ته دشمن به ناهن ڪندا
عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف پرڏيهي قوتن سان گڏجي اسان جي حڪومت ڪيرائي
عمران خان وڌيڪ چيو ته حقيقي آزادي جي تحريڪ 10 اپريل کان شروع ٿي آهي، اڄ مهانگائي اسان جي دور کان 3 ڀيرا وڌيڪ آهي
هن چيو ته مونکي لڳو ته شهباز شريف عوام جي تڪليف کان واقف آهي، اڄ ڪو وڏو فيصلو ڪندو، پاڪستان مان چوري ٿيل پئسو واپس ملڪ آڻڻ جي ڳالهه ڪندو پر هُن چيو ته ملڪ ۾ اڃا مهانگائي وڌندي
عمران خان چيو ته شهباز شريف عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي ته سرڪاري گاڏيون گهٽايون وينديون، زمينون وڪرو ڪيون وينديون، توهان اچڻ شرط ئي پنهنجا 1100 ارب رپين جا ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرايا، قوم اڄ انقلاب لاءِ تيار آهي

هن کي به پڙهندا

وزيراعظم طرفان ساليانه 200 ارب بچت جو اعلان: ڪابينا ميمبرز، پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندا