گلاب لغاري (ن پ ا) اڳوڻي رٽائرڊ جسٽس محمد اشرف لغاري جو ڀائيٽو ۽ واپاري ايسوسيئيشن گلاب لغاريءَ جو صدر حاجي محمد عباس لغاري 60 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي  جنازي نماز ڳوٺ ماڻڪ لغاريءَ ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ اگھم ڪوٽ جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سوڳ ۾ گلاب لغاري ۽ ماڻڪ لغاري ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو.