نئون ڳوٺ ( ن پ ا ) نئون ڳوٺ ۾ زمين تي پوکيل ڪمند ۾ ٻڪرين جي ڀيل تان ميربحر ۽ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب ڪمدار امير ميربحر زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ڪمدار جي فرياد تي ديدار لاکير، اسد لاکير ۽ پٺاڻ لاکير خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.