واوڊا جي خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي ووٽنگ شروع، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جو بائيڪاٽ

0
210
واوڊا جي خالي ٿيل سينيٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي نااهل ٿيل سينيٽر فيصل واوڊا جي خالي ٿيل سنڌ اسيمبلي جي سيٽ تي ووٽنگ شروع ٿي وئي، جنهن مان جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم طرفان بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي

سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي سيٽ لاءِ ووٽنگ صبح 9 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهندي

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پهريون ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته ٻيا ميمبرز به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اسيمبلي پهچي رهيا آهن

سنڌ اسيمبلي جي هال کي چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشن بڻايو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر رٽرننگ آفيسر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي

سنڌ مان سينيٽ جي سيٽ لاءِ پيپلز پارٽي جو نثار کهڙو ۽ پي ٽي آءِ جو آغا ارسلان وچ ۾ مقابلو هو پر پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم ووٽنگ جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو

سنڌ اسيمبلي ۾ ٽوٽل 168 ميمبرز آهن، جن مان 99 پ پ ، 30 پي ٽي آءِ ۽ 21 ايم ڪيو ايم جا ميمبرز آهن، جي ڊي اي جا 14 تحريڪ لبيڪ پاڪسان جا 3 ۽ ايم ايم اي جو هڪ ميمبر آهي، ڪاميابي لاءِ اميدوار کي 85 ووٽن جي ضرورت آهي