واهي پانڌي: پوليس پاران  6 خطرناڪ اشتھاري ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
189
واهي پانڌي: پوليس پاران

واهي پانڌي (ن پ ا) ڪاڇي جي گاجي شاهه واري علائقي ۾ روزگار جي بهاني ترسيل  جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ قتل ۽ ارادهِ قتل سميت ٻين ڏوھن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث 6 خطرناڪ اشتھاري ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان ڪاڇي واسين ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي ته ڪاڇي جي هر شهر ۾  اهڙيون ڪارروايون ڪيون وڃن ۽ مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي ماڻهو روزگار جي بهاني سان ڪاڇي جي شهرن ۾ وارداتون ڪن ٿا

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مختلف ڪالونين ۾ رهائش پذير ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڏوهاري آهن ته انهن ڏوهارين سميت جايون مسواڙ تي ڏيندڙ مالڪن خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي وڃي