حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي واري علائقي ۾ هفتو اڳ قتل ٿيل مامي ۽ڀاڻج جي قتل ڪيس ۾ پوليس هيڊ ڪانسٽيبل گرفتارڪيو ويو آهي. هفتو اڳ هٽڙي واري علائقي ۾ قتل ٿيل مامي ۽ ڀاڻج جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ٽنڊو محمد خان ٿاڻي جي پوليس هيڊ ڪانسٽيبل ڄام لغاري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي پوليس ڪانسٽيبل جي گرفتاري بعد ڄاڻايل ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي قاسم آباد عبدالطيف پيرزادو حوالي ڪري ڇڏي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنڊو محمد خان واسي پوليس هيڊ ڪانسٽيبل کي هٽڙي ٿاڻي جي پوليس 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪري ڊي ايس پي قاسم آباد حوالي ڪري ڇڏيو آهي پر سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل واقعي جو ڪيس پوليس محسن ۽ سندس ڀاءُ سميت 9 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو جن مان هڪ جوابدار گرفتار ٿي ويو. 2 ڄڻن عبوري ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته 6 ڄڻا اڃا تائين روپوش آهن.