ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل ويڪسينيشن جي عمل رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي ۾ جاري آهي، ان حوالي سان ايم ايس شريف راٺوڙ ۽ تعلقي شجاع آباد جي فوڪل پرسن ڊي ايم ايس ڊاڪٽر علي گوهر ڪلهوڙو ان حوالي سان ٻڌايو ته اسان پهريان اسپتال عملي کي وئڪسين لڳائي آهي، ٻئي مرحلي ۾ 50 سالن کان 100سال وارن کي وئڪسين لڳائي آهي، هنن ٻڌايو ته روزانو 30 کان مٿي مريضن کي وئڪسين ڪئي پئي وڃي.