ميرپوربٺورو (رپورٽ: مختيار زئور) ميرپور بٺورو دڙو لڳ بااثر زميندار سنڌو درياھ جي انتھائي حساس بچاءَ بند کي ڪٽ ھڻي موري ٺاھي ڇڏي. تفصيل موجب سجاول ضلعي ۾ قانون جي لتاڙ ڪندي ٽنڊو غلام علي جي رھواسي بااثر زميندار مير غلام علي ٽالپر سنڌو درياھ جي انتهائي حساس سورجاڻي بند کي پنھنجي ڪچي واري 1500 ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ڪرينن ذريعي ڪٽ ھڻي موري ٺھرائي ڇڏي. يونين ڪائونسل بچل گگو جي مختلف ڳوٺن جي رھواسين نور احمد گگو، دادن مگسي، ڪليم الله گگو ۽ ٻين گذريل ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مير غلام علي ٽالپر سنڌو درياھ جي سورجاڻي بچا بند تي غيرقانوني طور موري ٺاھي رهيو آهي، انتهائي حساس بند سان اهڙي هٿچراند برساتن جي ايندڙ موسم ۾ ضلعي سجاول لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. ھنن ٻڌايو ته 2010 ۾ پڻ ساڳي جڳهه تان درياھ کي گھارو پيو ھو، جنھن سبب سجاول ضلعي مان لکين ماڻھن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو هو. بند سان هٿچراند ٻوڏ جو باعث بڻجي سگھي ٿي پر سنڌ حڪومت توڙي آبپاشي بااثر خلاف ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھي. علائقي واسين بند کي ڪٽ ڇنڇر (اڄ) کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي زميندار مير غلام علي ٽالپر ان حوالي سان ڪوبه موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مون کي ان باري ۾ ڪجهه به چوڻو ناهي، توهان کي جيئن خبر ڏيڻي آهي ڏيئي ڇڏيو.