سوشل ميڊيا تي هن عورت جي تصوير وائرل ٿي وئي آهي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هي پاڪستان جي پهرين لائن وومين آهي جيڪا حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جي ورڪر آهي، عورت جي اهڙي ڪم جي ساراهه ڪئي پئي وڃي، پر اتي وري سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته هي عورت حيدرآباد سنڌ نه پر حيدرآباد ڀارت جي آهي پر حقيقت اها آهي ته اها عورت ورڪر بنگلاديش رورل اليڪٽريشن بورڊ جي ملازمه آهي جتي هوءَ بجلي جو ڪم ڪري رهي آهي. اتان جي هڪ تنظيم جيڪا بجلي جو ڪم ڪندڙن لاءِ حفاظتي انتظام ڪرڻ لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ان اها ت9.صوير سال 2018ع ۾ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي هئي. ان وقت ان عورت کي حفاظتي سامان نه هجڻ بابت به بحث هليو هو.