فرزانا شر، جنهن جو تعلق گهوٽڪي جهڙي قبائلي سوچ رکڻ وارن ماڻهن جي ضلعي سان آهي، هوءَ پنهنجي پيءُ لاءِ پٽن جهڙا فرض پورا ڪرڻ ۾ رڌل آهي، سوشل ميڊيا تي موٽر سائيڪل هلائڻ واريون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، سوشل ميڊيا تي فرزانه شر کي داد ڏيندي چيو ويو ته فرزانه شر جي همٿ ۽ بهادري کي سلام آهي جيڪا جاگيرداراڻي وڏيرڪي سماج ۾ رهندي به روايتي سوچ کي ٿڏيندي پنهنجي والد جو سهارو بڻي آهي، شل سنڌ جون نياڻيون ايئن اڳيان وڌنديون رهن، فرزانه شر موٽر سائيڪل هلائي ٿي، گاهه به موٽرسائيڪل تي کڻي اچي ٿي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته جيڪڏهن ان علائقي جي نياڻين کي تعليم ڏياري وڃي ته اهي اڃا وڌيڪ اڳتي اچي سگهن ٿيون.