سوشل ميڊيا تي رابعه ناز جي ساراهه ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ڳوٺ راھوجا ضلعي خيرپور سان تعلق رکندڙ 25 سالن جي رابعه ناز يوٽيوب جي آمدني مان ٻن ڪمرن جو گهر ٺھرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي . ھن يوٽيوب تي فيشن ايڊڪشن جي نالي سان ھڪ چينل ٺاھيو جنهن جا ھڪ لک سٺ ھزار سبسڪرائبرز ٿي چڪا آهن. ھن جي حوصلا افزائي لاءِ يوٽيوب انتظاميا پاران سلور بٽڻ سان نوازيو آهي. رابعه روز هڪ وڊيو ٺاهيندي آهي ۽ يوٽيوب تي پنهنجي فيشن چينل تي اپلوڊ ڪندي آهي. سال اڳ هن يوٽيوب چينل ٺاهيو هو، رابعه جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي يوٽيوب چينل ذريعي ماهوار 40 کان 50 هزار رپيا ڪمائي ٿي.