نڪيتا راول هٿياربندن هٿان يرغمال: ڦرلٽ

0
230

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نڪيتا راول کي هٿياربند يرغمالبڻائي ڦرلٽ ڪري ويا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب بالي ووڊ اداڪارا کي هٿياربندن نئين دهلي ۾ يرغمال بڻايو، هٿياربندن  هٿيار ٿاڻي 7 لک رپين جي ماليت جي ڦر ڪئي، ان حوالي سان نڪيتا راول جو چوڻ هو ته آئون نئين دهلي ۾ هڪ پراجيڪٽ جي شوٽنگ لاءِ موجود هيس ۽ اتي شاستري نگر واري علائقي ۾ پنهنجي ماسي جي گهر ۾ ترسيل آهيان. رات جو 10 وڳي واڪ ڪري رهي هيس ته ڪجهه هٿياربندن مونکي يرغمال بڻايو ۽ پوءِ ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.