ثانيا مرزا جي وڌيڪ هڪ ڊانس وڊيو وائرل

0
487

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي ڊانس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.ثانيا مرزا هڪ بهترين ايٿليٽ آهي ۽ هن جو ڊانس ڪرڻ وارو نئون ٽيلينٽ به سڀني جي اڳيان اچي ويو آهي.ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي ان ڊانس وڊيو ۾ کيس ڀارتي ڊانس هدايتڪار فرح خان سان گڏ هڪ گاني تي جهومي رهي آهي.ان وڊيو کي شيئر ڪندي فرح خان ثانيا مرزا سان پيار جو اظهار ڪيو آهي.خيال رهي ته ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ فرح خان وچ ۾ وڏي عرصي کان تمام سٺي دوستي آهي ۽ اها ڊانس وڊيو انهن جي دوستي جو ثبوت به ٿي سگهي ٿي.ان کان اڳ به ثانيا مرزا فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ سندس ڊانس مووز ان جي مداحن کي خوشي ۽ حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.