عمر شريف لاءِ 4 ڪروڙ نه پر ايئر ايمبولينس گهري هئي: جواد عمر

0
237
عمر شريف کي آمريڪا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري مزاحيا فنڪار عمر شريف جي گهر ڀاتين سندس مداحن  ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي آهي ته عمر شريف جي بيماري واريون تصويرون سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي نه هلايون وڃن، اهڙين تصويرن سان کين تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي، ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر شريف جي پٽ جواد عمر چيو ته اسان عمر شريف جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت کان لاجسٽڪ ( هوائي سفر جي سهولت) مدد گهري هئي، پئسن لاءِ نه چيو هو، سنڌ حڪومت 4 ڪروڙن جي مالي مدد پڻ ڪئي آهي.

وفاقي حڪومت به آمريڪي ويزا جي حوالي سان ڪوشش ڪري پئي، هن وقت عمر شريف جي حالت ۾ ڪا به بهتري ناهي، هو مسلسل وينٽيليٽر تي آهي، صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته عمر شريف هميشه ٽهڪ وکيريا، اسان ڪورونا جي ڏينهن ۾ به فنڪارن جي مدد ڪئي، مرتضي وهاب چيو ته سنڌ سرڪار عمر شريف جي هر ممڪن مدد ڪندي، اسان ايئر ايمبولينس جو بندوبست پڻ ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ئي ويزا ملندي ته 24 کان 36 ڪلاڪن اندر عمر شريف واشنگٽن پهچي ويندو.