نيپال: گم ٿيل جهاز جو ملبو ملي ويو، 14 لاش هٿ

0
174
نيپال: گم ٿيل جهاز

ڪراچي: نيپال ۾ گذريل ڏينهن گم ٿيل جهاز جو ملبو ملي ويو آھي، 14 ڄڻن جا لاش مليا آهن، آمريڪي خابرو اداري موجب نيپال جي سرچ ٽيمن ۽ ريسڪيو اهلڪارن آچر تي گم ٿيل جهاز جي ملبي واري هنڌ جي نشاندهي ڪئي آهي جتي جهاز جو ملبو هڪ جبل تي مليو آهي

فوجي عھديدار پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ملبي جون تصويرون پوسٽ ڪيون جنهن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته جهاز جبل سان ٽڪرائجي ويو هو جڏهن ته جهاز جي پرن تي سائي رنگ ۾ 9 اين اي اي ٽي نمبر لکيل هو