پرامن احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ رولنگ ڏئي، نه ته اسان تياري سان وينداسين: عمران خان

0
184
پرامن احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ
پرامن احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ رولنگ ڏئي، نه ته اسان تياري سان وينداسين: عمران خان

پشاور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سُپريم ڪورٽ تحفظ نه ڏنو ته پوءِ اسان جي ٻي حڪمت عملي هوندي

پشاور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيوته سُپريم ڪورٽ کان پُڇيو اٿم ته پُرامن احتجاج جو جمهوري حق آهي يا نه؟

هن چيو ته سُپريم ڪورٽ کان منظوري وٺان پيو ته هاڻي اسان آياسين ته غير جمهوري عمل جي اجازت نه ڏني ويندي، مونکي ايندڙ مارچ جي تاريخ به ڏيڻي آهي

عمران خان چيو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته شفاف چونڊون ڪرايو، وڪيلن ۽ سُپريم ڪورٽ کي چوان ٿو ته قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻ توهان جو ڪم آهي

هن چيو ته اسٽينڊ نه ورتو ته ملڪ ۽ توهان جا ٻار به توهان کي معاف نه ڪندا، خط ڏسي سوچيم، وزيراعظم ته آئون آهيان، پوءِ هي ڪنهن کي چون ٿا ته عمران خان کي هٽايو، شهباز شريف کي سزا ملڻ واري هئي ته کيس وزيراعظم بڻايو ويو، اها ملڪ لاءِ ائٽم بم کان وڌيڪ تباهي آهي