لاهور (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي گذريل سال سيپٽمبر 2021ع ۾ اوچتو دورو ختم ڪرڻ تي معاوضو ادا ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته پي سي بي ڪيوي بورڊ طرفان ملندڙ معاوضي جي رقم جو اعلان ناهي ڪيو پر ڪيوي بورڊ مالي نقصان جو معاوضو هوٽل جي بڪنگ، سيڪيورٽي، مارڪيٽنگ، براڊ ڪاسٽ جي مد ۾ ڏنڊ ادا ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال پاڪستان جو دورو اڌورو ڇڏي ويندڙ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پي سي بي جا تعلقات معمول تي اچي ويا آهن. واضح رهي ته 17 سيپٽمبر 2021ع تي راولپنڊي ۾ پهرين ون ڊي جي شروع ٿيڻ کان اڳ نيوزيلينڊ سيڪيورٽي خدشن جو حوالو ڏيندي وطن واپس وڃڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن سبب ٻنهي بورڊن ۾ تڪرار پيدا ٿيو هو.