نيب نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
394

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 10 انڪوائريز جي منظوري، اڳوڻي ايم اين اي محمد امين چوڌري ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب خلاف به انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي، نيب پنجاب جي ايم پي اي سهيل ظفر ۽ محمد شير چيما خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي، اجلاس کي خطاب دوران نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته وڏين مُڇين ۽ وائيٽ ڪالر ڪرائيم خلاف ميگا ڪيسز کي منطقي انجام تي پهچايو ويندو، نيب ۽ ڪرپشن گڏ نٿا هلي سگهن، نيب جو ڪنهن سياسي شخصيت يا گروهه سان ڪوبه واسطو ناهي..