نوري آباد/ٽنڊو ڄام/ خيرپورناٿن شاھ ( رپورٽ: عالم پالاري+مبين مگسي+ ارشاد کوسو ) ٻوڏ جو پاڻي گهٽجڻ بعد اباڻن ڪکن ڏانهن ويندڙ ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن سان خوفناڪ حادثو، نوري آباد ڀرسان مسافر ڪوچ کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 17 ڄڻا سڙي فوت، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن باهه تي ضابطو آڻي ورتو، ڪوچ ۾ مغيري برادري جا 60 کان 70 ماڻهو سوار هئا، زخمين مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي، پوليس طرفان فوتين جي تعداد ۾ واڌ جو خدشو ظاهر، ڪي اين شاهه ٻڏڻ بعد هزارين خاندان حيدرآباد ۽ ڪراچي سوڌو ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، ڪوچ ۾ ڦاٿل ٻارڙن جا وارث بچائڻ لاءِ روئيندي رهيا، رپورٽ موجب ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه ويندڙ ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ کي نوري آباد ايم نائين موٽروي وٽ باھ وڪوڙي وئي، جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن سوڌو 17 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، فوتين جي مريم، ريشما، ذليخا،سسئي، ثانيه، ثانير، سويرا،حسين، رحيمان، صنم، رخسانه، انيلا، امبرين، خانير، سومن، افسانه،مسرور، اقراءِ طور سڃاڻپ ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي، جنهن کي لمس ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، ڪوچ ۾ سوار عورتن جو وڏي انگ پنهنجي مدد پاڻ جان بچائي، واقعي واري هنڌ موجد عورتن ٻڌايو ته ڪوچ ۾ اسان جا ٻار وڏي انگ ۾ سوار هئا جيڪي ڪوچ ۾ ڦاٿل آهن، باھ دوران عورتون ٻار بچائڻ لاءِ روئينديون رهيو، ابتدائي طور ته رڳو هڪ فائير برگيڊ باھ وساڻ ۾ مصروف هئي، فائير برگيڊ باھ تي ضابطو آندو، ايس ايچ او نوري آباد ٻڌايو ته لاش ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي،  ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو آصف جميل موجب ته 17 لاش ڪڍيا آهن، هن چيو ته وارث چون ٿا لاش اباڻي ڳوٺ کڻاڻي وينداسين، ذريعن موجب وارث لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نٿا چاهين، جنهن ڪري سمورا لاش نوري آباد ٿاڻي تي منتقل ڪيا پيا وڃن. جتي قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا، 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو آصف جميل ڪئي، جڏهن ته ڊي ايس پي 17 ڄڻن جا لاش ڪڍڻ جي تصديق ڪئي آهي،  ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪنڍيڪٽر فرار ٿي ويا. ٻي طرف  ٻوڏ متاثر جي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته  مسافر ڪوچ ۾ 70 ٻوڏ متاثر سوار هئا، بدنصيب ڪوچ کي اوچتو باهه لڳي ته اڪثر ماڻهو   در ۽ درين جا شيشا ٽوڙي ٻاهر نڪري ويا،  حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويل  هڪ مهينو اڳ خيرپورناٿن شاھ ۾ آيل ٻوڏ دوران هو لڏي وڃي ڪراچي رهيا، جيڪي هاڻي واپس پنهنجي شهر خيرپورناٿن شاھ اچي رهيا هيا ته اهو واقعو پيش آيو، حادثي جي خبر خيرپورناٿن شاھ واسين کي پئي ته هر اک آلي رهي، علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، فوتين جي  عزيزن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.