ڪراچي :  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نوري آباد واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڄامشوري کي ھدايت ڪئي آهي  ته زخمين کي فوري طور اسپتال پھچايو وڃي،  متاثرن جي گھرڀاتين سان مڪمل سھڪار ڪيو وڃي، حادثي بابت کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻئي طرف چيف سيڪريٽري  سھيل راجپوت واقعي جو نوٽيس وٺندي ٽرانسپورٽ کاتي کان حادثي  جو شڪار ٿيل مسافر ڪوچ جي فٽينس بابت رپورٽ طلب ڪئي آھي، هوڏانهن ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبائي سيڪريٽري  کي واقعي جي  اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏنو آھي ـ صوبائي وزير چيو  ته گاڏي جي فٽينس جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻڌايو وڃي ته مسافرن کي ايمرجنسي گيٽ مان ڇو نه ڪڍيو ويو؟