ڪوٽڙي / نوري آباد (نمائندن وٽان) نوري آباد پوليس پاران ٽرالر مان لکين رپين جي منشيات لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، چئن ڏينهن کان منشيات جو پڪڙيل ٽرالر لاوارث ڄاڻائي نوري آباد ٿاڻي تي بيهاري ويو آهي جنهن ۾ ظاهري طور پٿر ڀريل آهن پر ٽائيم نيوز اهڙا فوٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن جن ۾ پٿرن جي هيٺان منشيات ٺاهڻ لاءِ ڪتب ايندڙ چُوري جا سوين ڪٽا لڪايا ويا آهن، چئن ڏينهن کان ٿاڻي تي بيٺل 16 ويلر ٽرالر جو ڪيس به ٿاڻي تي داخل نه ٿيو آهي، ذريعن موجب منشيات جو ڀريل ٽرالر ڳجھي اطلاع تي نوري آباد پوليس پڪڙي ٿاڻي تي آڻڻ بعد ڊرائيور، ڪلينر ۽ ٻئي عملي کي غائب ڪيو، جڏهن ته ٽرالر ۽ عملي کي ڇڏائڻ لاءِ نوري آباد پوليس پاران مبينا طور لکين رپين جي ڊيلنگ هلندڙ هئي ته ميڊيا جي ٽيم پهچي معاملي کي منظر عام تي آڻي ڇڏيو آهي، ميڊيا جي پهچڻ تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ايس ايچ او نوري آباد افتخار خواجه جو چوڻ هو ته ٽرالر ۾ پٿر ڀريل آهن، جڏهن ته ٽرالر ۾ پٿرن جي هيٺان لڪايل منشيات جي ڪٽا ظاهر ٿيا. ايس ايچ او موجب ٽرالر لاوارث حالت ۾ مليو آهي جنهن ۾ پٿر ڀريل آهن. هن معاملي کان ايس ايس پي لا تعلقي ڏيکاري ڇڏي آهي، جڏهن ته ذريعن موجب چار ڏينهن اڳ ٽرالر پڪڙي نوري آباد ٿاڻي تي بيهاري جوابدارن سان مبينا طور لکين رپين جي ڊيلنگ ڪئي پئي وئي. ياد رهي ته منشيات اسمگلنگ ۾ مشهوري ماڻيندڙ ڄامشوري ضلعي اندر منشيات جي روڪٿام ٿي نه سگهي آهي جڏهن ته ڄامشورو پوليس ان معاملي ۾ ڪوبه تحرڪ وٺڻ بدران مبينا طور منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث رهي آهي.