گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ گجرات پهچي ويو، عمران خان چيو آهي ته نوازشريف اهڙو آرمي چيف مقرر ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو سندس مطابق چوري بچائڻ ۾ مدد ڪندو، شهبازشريف روپوش ڀاءُ جي مشاورت سان پاڪستان جا فيصلا ڪندو آهي، تحريڪ انصاف جو ٻيهر شروع ٿيل لانگ مارچ ڪالهه ٻئي ڏينهن جي ٽي ايس چوڪ گجرات پهچي قيام ڪيو، اڄ لاله موسيٰ کان لانگ مارچ منزل ڏانهن روانو ٿيندو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لانگ مارڇ کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چيو ته لنڊن ۾ ٿيندڙ تماشو ادارن کي مضبوط نه ڪندو، نوازشريف اهڙو آرمي چيف مقرر ڪندو، جيڪو هن جي خيال ۾ سندس مدد ڪندو. وزيراعظم شهبازشريف ۽ نواز ليگ قائد نوازشريف کي لنڊن ۾ ملاقات تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عمران خان چيو ته اڄ دنيا کي پيغام وڃي رهيو آهي ته پاڪستان جو سزا آيل شخص جنهن تي جي آءِ ٽي ٺهي ۽ سزا ملي، اهو قوم جا فيصلا ڪرڻ وڃي پيو، هڪ روپوش شخص ملڪ ۾ اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان الزام لڳائيندي چيو ته نواز ليگ قائد نوازشريف کي ميرٽ جي مطلب جي ئي خبر ناهي، هن کي رشتيدار نظرا يندو آهي يا اهڙن ماڻهن کي مٿي آڻيندو آهي جيڪي سندس فائدي ۾ هجن، آءِ جي عباس خان جي عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جو حوالو ڏيندي تحريڪ انصاف چيئرمين الزام لڳايو ته شهبازشريف ۽ نوازشريف پيسا وٺي پوليس ۾ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو پوليس ۾ ڀرتي ڪيا ويا، جيڪي ڏوهاري هئا، جيڪڏهن پنجاب پوليس صحيح ڪم نه ڪري رهي آهي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ امر باالمروف ناهي، الله جو حڪم آهي ته چڱائي جو ساٿ ڏيو، برائي کان پاسو ڪريو، برطانيا ۾ ترقي جو سبب اهو آهي ته اتي ماڻهو چڱائي جو ساٿ ڏيندا آهن، هينڊلرز هنن چورن کي اسان تي مڙهي ڇڏيو، جن پاڪستان جي معيشت جي حالت خراب ڪئي، ناڻي ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، درآمد گهٽجي وئي، هنن ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو، هنن جي ڪاميابي اها آهي ته 1100 ارب جي چوري جا پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي رهيا آهن، ملڪ ۾ اخلاقيات جو قتل ٿيو آهي، قومون ايٽم بم برداشت ڪري وٺنديون آهن پر اخلاقيات تي عمل نه ٿئي ته قوم ڪڏهن ناهي ٺهندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آئون پاڻ تي ٿيل حملي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿو ڪرائي سگهان، ڇاڪاڻ هتي قانون جي حڪمراني ناهي، جيڪو ڪجهه اعظم سواتي سان ٿيو، اهو قانون جي بالادستي نه هجڻ جو سبب آهي، مونکي گوليون لڳيون آهن ۽ آئون ڪيس به داخل نه ٿو ڪرائي سگهان، ڇاڪاڻ اڳيان طاقتور آهي، هن ملڪ ۾ قانون جي نه پر طاقتور جي حڪمراني آهي، هتي جيڪو طاقتور آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جتي طاقتور سامهون ايندو آهي، اتي انصاف هليو ويندو آهي، اسلام جي پيغمبر 1500 سال اڳ چئي ويو ته اهڙو نظام نه ٿو هلي سگهي جيڪو ننڍن چورن کي جيل ۾ وجهي ۽ وڏن چورن کي نه پڪڙي سگهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ نيب قانون تبديل ڪيو ويو، هاڻ وڏن چورن کي ڪير نه پڪڙي سگهندو، فائدو چورن ۽ هينڊلرز جو هو ۽ نقصان ملڪ جو ٿيو آهي، هڪ اهڙي شخص کي وزيراعظم بڻائي ادارن مٿان ويهاريو ويو، جنهن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ وارو هو، شهبازشريف جي وزيراعظم ٿيڻ بعد سندس ڪيس جا شاهد ۽ جاچ آفيسر مري ويا، اڄ تائين خبر ناهي پئي ته اهي ڪيئن فوت ٿيا؟ عمران خان چيو ته 30 سالن تائين 2 خاندانن حڪومت ڪئي آهي پر فقيرن وانگر سڄي دنيا ۾ پنندا وتن ٿا، زرداري ۽ شريف خاندان وٽ ايترو پيسو آهي، جو اسان کي آءِ ايم ايف وٽ به وڃڻ جي ضرورت نه پوي، هي اهو ئي نوازشريف آهي جيڪو مشرف سان معاهدو ڪري ٻاهر ويو هو، آئون اقتدار ۾ آيس ته پهرين ڏينهن ئي چيو ته اين آر او نه ڏيندس. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مضبوط ادارن سان ملڪ مضبوط ٿيندو آهي، هي چور چوري جا پيسا بچائڻ لاءِ ادارن کي ڪنٽورل ڪندا آهن، هي عدليا کي هلڻ نه ٿا ڏين، پوليس جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو، جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن ووٽنگ مشين اچڻ نه ڏني، هي ماڻهن کي خريد ڪندا ۽ پوءِ استعمال ڪندا آهن.

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪندي چيو آهي ته مون تي حملو ڪندڙ مذهبي انتهاپسند نه پر تربيت حاصل ڪيل شوٽر هو، جرمن نشرياتي اداري ”ڊي ڊبليو“ کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته حملو ڪندڙ جو پروفائل پهرين ئي تيار ڪيو ويو هو، جو جيڪو ڪنهن به مذهبي جنوني سان هڪجهڙائي نه ٿو رکي، هو تربيتي شوٽر آهي، ڊاڪٽرز 6 هفتن تائين آرام جو مشورو ڏنو آهي ۽ صحتيابي ۾ 4 هفتا لڳي سگهن ٿا، هڪ سوال تي عمران اعتراف ڪندي چيو ته آئون پنهنجي حڪومت دوران قانون جي حڪمراني لاڳو نه ڪري سگهيس، هن چيو ته منهنجي حڪومت آئيني طريقي سان نه هٽائي وئي، منهنجي حڪومت اليڪشن نه آڪشن ذريعي هٽائي وئي، جيڪو غيرآئيني هو، افسوس آهي ته پنهنجي دور حڪومت ۾ قانون جي حڪمراني لاڳو نه ڪري سگهيس، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت وڌڻ سبب موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ ڌمڪيون ڏنيون، موجوده حڪومت جو مقصد مونکي راهه تان هٽائڻ آهي، عمران خان دعويٰ ڪندي چيو ته مونکي يقين آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف کٽيندي، حڪومت خلاف لانگ مارچ اسانجو آئيني ۽ جمهوري حق آهي.