مڪاني چونڊون ملتوي ڪيو: ايم ڪيو ايم جو به عدالت سان رابطو

0
265

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ورتي

اڳوڻي ميئر وسيم اختر طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب قانونسازي ٿيڻ تائين مڪاني ادارا مڪمل بااختيار ٿي نه ٿا سگهن

ايم ڪيو ايم موقف اختيار ڪيو تھ مڪاني نظام واري قانون ۾ ترميمون ٿيڻ تائين مڪاني چونڊون نه ڪرايون وڃن، ڪيس جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسان جو موقف به ٻڌو وڃي

مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جون اڳواٽ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ٿيل آهن، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سومر ڏينهن درخواستن تي ٻڌڻي هلائيندي