ننگرپارڪر: وائلڊ لائيف عملدارن شڪارين کي بچائڻ لاءِ بيان بدلائي ڇڏيو

0
317

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڪٻڙي ۽ ڪوٽ بندو جي جهنگ ۾ ٻه ڏينهن اڳ شڪار ڪيل ٻه ناياب نسل جي هرڻن وارو واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو ، وائلڊ لائيف جو گيم آفيسر بااثر شڪارين کي بچائڻ لاء پنهنجي موقف تان ڦري ويو. هڪ ڏينهن اڳ ٻه هرڻن جي شڪار جي تصديق ڪندڙ گيم آفيسر اسد مري مادي هرڻ جو روڊ حادثي ۾ مرڻ جو بيان جاري ڪري انڪوائري ختم ڪري ڇڏي جڏهن ته ڊپٽي ڪنزويٽر مير اعجاز ٽالپر پڻ هرڻن جو شڪار بدران روڊ حادثي ۾ هرڻ مرڻ واري گيم آفيسر جي بيان جي تائيد ڪري ڇڏي آهي . جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هرڻ روڊ حادثي جو شڪار ٿئي ها پوء ان مئل هرڻ کي نامعلوم شڪارين طرفان واقعي واري هنڌ کان غائب ڪري ڇڏڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن روڊ حادثو ٿئي ها ته واقعي واري هنڌ هرڻ موجود هجي ها. هوڏانهن وائلڊ لائيف کاتي جي گيم آفيسر اسد مري جو چوڻ آهي روڊ تي مستقل رت جا نشان آهن، ان جو مقصد هرڻ روڊ تان گذرندڙ ڪنهن گاڏي جي حادثي جو شڪار ٿيو آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب بااثر شڪارين جا روڊ کان هيٺ به جيپ جي ٽائرن جا واضع نشان موجود هجڻ باوجود وائلڊ لائيف عملدارن بااثر شڪارين کي بچائڻ لاء شڪار واري واقعي کي ايڪسيڊنٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته شڪار واري ڏينهن ٻه هرڻن جي شڪار جي گيم آفيسر اسد مري صحافين سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته ذريعن باوجود شڪار واري معاملي لئي مٽي ڪيو ويو آهي .