ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍو امير طبقو ملڪي وسيلن تي قابض آهي، ترقي جا سمورا فائده کڻي وڃي ٿو، ماضي جي حڪمرانن جون لنڊن جي اهڙن مهانگن علائقن ۾ ملڪيتون آهن، جتي برطانوي وزيراعظم به گهر نه ٿو خريد ڪري سگهي، مديني جي رياست جا سربراهه مهانگي محلن ۾ نه رهندا هئا مديني جي رياست جا سربراهه مهانگا ڪپڙا نه پائيندا هئا، پئسو عوام تي خرچ ٿيندو هو، غريبن جي حالت بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو هو، اسان جي حڪومت به اهو ئي ڪري رهي آهي، وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ شاهران جو بنياد رکي ڇڏيو، تقريب کي خطاب ۾ چيو ته بلوچستان ۾ ماهيگيرن کي به آسان شرطن تي قرض ڏنو ويندو. اسان بلوچستان جي لاءِ ترقياتي  منصوبن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اڍائي سالن ۾ 3 هزار 300 ڪلو ميٽر روڊن جا منصوبا ٺاهڻ ۽ ان تي ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته الله ان کي عزت ۽ ڪاميابي ڏيندو آهي، جيڪو الله جي مخلوق جي لاءِ ڪجهه ڪندو آهي. گنگارام لاهور ۾ اسپتال  ٺاهيو سموري دنيا ان جي تعريف ڪندي آهي، دنيا ان کي ياد ڪندي آهي جيڪو انسانيت جي لاءِ ڪجهه ڪندو آهي. عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ حڪومت سنڀالي ته صوبي کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پيو. مخالف چوندا هئا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟ ڪٿي آهي نئون خيبرپختونخواهه؟ سياسي دوستن مشورو ڏنو ته پنجاب تي ڌيان ڏيو. خيبرپختونخواهه ۾ کٽڻ جو چانس ناهي. 2018 جي چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه مان اڪثريت ملي. خيبرپختونخواهه ۾ انسانن تي سڀني کان وڌيڪ سرمائيڪاري ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته سمورن صوبن کي هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون. هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي ڪنهن به اسپتال مان علاج ڪرائي سگهجي ٿو. جن صوبن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي اتي شهرين کي صحت ڪارڊ ڏينداسين. بلوچستان ۾ به هر خاندان کي صحت انصاف ڪارڊ ڏينداسين. هن چيو ته پنجاب ۾ هاري ڪارڊ لاءِ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. هارين کي هاري ڪارڊ جي تحت سڌو سنئون سبسڊي ڏينداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مغربي روٽ به ترقي ۾ پوئتي رهجي ويو. پاڪستان جي حڪمرانن ماضي ۾ مغربي روٽ کي نظر انداز ڪيو چين پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏني. چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو.