اسلام آباد (م ڊ) ڪورونا ويڪسين جا وڌيڪ 10 لک ڊوز اڄ پاڪستان پهچندا، 10 لک سائنو فارم ويڪسين پاڪستان خريد ڪئي آهي، وفاقي وزير اسد عمر چيو ته گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو هڪ لک 17 هزار 852 ماڻهن جي ويڪسين ڪئي وئي، مجموعي طور تي 21 لک ماڻهن جي ويڪسين ٿي چڪي آهي، ماڻهو وڏي تعداد ۾ ويڪسين لڳائڻ لاءِ رجسٽرڊ ٿي رهيا آهن، 40 کان سال يا ان کان وڏي عمر جا ماڻهو ويڪسينيشن لاءِ فوري طور رجسٽريشن ڪرائن.