ناڪامي جو خوف، اپوزيشن ڪي پي جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي

0
137
ناڪامي جو خوف، اپوزيشن

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ناڪامي جو خوف يا اختلاف، مخالف ڌر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي

عوامي نيشنل پارٽي جي پارلياماني ليڊر سردار حسين بابڪ دعويٰ ڪئي آهي ته متحده اپوزيشن صوبائي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ نٿي چاهي پر عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائڻ جو مقصد صوبائي اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻو هو

هن چيو ته بي اعتمادي رٿ واپس وٺي رهيا آهيون،  صوبي کي نئين پاڪستان ۾ حق نه مليا، پر هاڻي ملندا

ياد رهي ته مخالف ڌر 8 اپريل تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي، جنهن تي 20 کان وڌيڪ ميمبرن صحيحون ڪيون هيون

ٻئي طرف وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ گورنر ڪي پي شاهه فرمان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان خلاف غداري جي درخواست رد، درخواستگذار تي هڪ لک ڏنڊ